اسپين جي ٽيم جي بهترين رانديگر روڊري هرنانديز کي عالمي ڪپ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو، هن گولڊن بال ايوارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو

نيويارڪ- 20 جولاءِ (اي پي پي) اسپين جي ٽيم جي بهترين فٽ بالر ۽ ڪپتان روڊري هرنانديز ارجنٽائن خلاف فائنل ۾ 1-0 تان ڪاميابي ڏيارڻ ۽ ٽرافي کٽڻ بعد سال 2026 جي عالمي ڪپ جي بهترين رانديگر جو گولڊن بال ايوارڊ کٽي ورتو آهي . پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب مانچيسٽر سٽي جي 30 سالن جو مڊ فيلڊر روڊري هرنانديز سال 2024 ۾ دنيا جي بهترين رانديگر جو ايوارڊ به …

نيويارڪ- 20 جولاءِ (اي پي پي) اسپين جي ٽيم جي بهترين فٽ بالر ۽ ڪپتان روڊري هرنانديز ارجنٽائن خلاف فائنل ۾ 1-0 تان ڪاميابي ڏيارڻ ۽ ٽرافي کٽڻ بعد سال 2026 جي عالمي ڪپ جي بهترين رانديگر جو گولڊن بال ايوارڊ کٽي ورتو آهي . پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب مانچيسٽر سٽي جي 30 سالن جو مڊ فيلڊر روڊري هرنانديز سال 2024 ۾ دنيا جي بهترين رانديگر جو ايوارڊ به کٽي ورتو هيو. هن چيو ته ٽيم هن وقت ان عظيم ڪاميابي تي خوشي جي ڪيفيت ۾ آهي. روڊري هرنانديز کي سيپٽمبر 2024 ۾ آرسنل خلاف ميچ دوران گوڏي جي شديد ڌڪ کي منهن ڏيڻو پيو هيو جنهن کان پوءِ هو پوئين سال مئي ۾ ميدان ۾ واپس آيو هيو. هن ان جو ذڪر ڪندي چيو ته هو پنهنجي جذبات کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهي، هي وقت سندس لاءِ هڪ خواب جهڙو آهي . هن چيو ته اهو هڪ مشڪل دور هيو هو چاهي ٿو ته نئون نسل سندس مثال مان سبق حاصل ڪري جڏهن انسان هيٺ ڪري ٿو ته هو ٻيهر اٿي سگهي ٿو. سندس چوڻ هيو ته زندگي ۾ گهٽ وڌائي ٿيندي رهندي آهي پرمثبت سوچ وڏي طاقت آهي. هن ٻڌايو ته فائنل کان اڳ هن رانديگرن کي چيو هو ته اسان کي مخالف سان اک ۾ اک ملائي مقابلو ڪرڻو پوندو اسان بهادري سان راند پيش ڪئي جنهن جي بدلي ۾ قدرت اسان کي عالمي ڪپ جو تحفو ڏنو. اسپين جي ڪپتان روڊري هرنانديز چيو ته فائنل کان اڳ هن پنهنجي ساٿي رانديگر کي چيو هو ته مخالف جو سختي سان مقابلو ڪبو. هن چيو ته ٽيم اهي ئي جذبو ڏيکاريو آخر ۾ پنهنجي قوم لاءِ ٻيون ڀيرو عالمي ڪپ کٽڻ ۾ ڪامياب رهياسين.