فيفا ورلڊ ڪپ جي فائنل ميچ ۾ اسپين جي ٽيم بهتر راند جو مظاهرو ڪيو ۽ اها فائنل کٽڻ جي مستحق هئي: ارجنٽائن جي ٽيم جو مينيجر

نيويارڪ- 20 جولاءِ (اي پي پي) ارجنٽائن جي ٽيم مينيجر ليونل اسڪالوني اعتراف ڪيو ته 23هين فيفا ورلڊ ڪپ جي فائنل ميچ ۾ اسپين جي ٽيم بهتر راند کيڏي ۽ اها عالمي ڪپ کٽڻ جي مستحق هئي. پرڏيهي ميڊيا موجب دفاعي چيمپئين ارجنٽائن ناڪ آئوٽ مرحلي جي گذريل 4 ميچن ۾ آخري منٽن ۾ گول ڪري ڪاميابي حاصل ڪئي هئي پر نيو جرسي اسٽيڊيم ۾ اها اهڙو ڪارنامو نه ورجائي …

نيويارڪ- 20 جولاءِ (اي پي پي) ارجنٽائن جي ٽيم مينيجر ليونل اسڪالوني اعتراف ڪيو ته 23هين فيفا ورلڊ ڪپ جي فائنل ميچ ۾ اسپين جي ٽيم بهتر راند کيڏي ۽ اها عالمي ڪپ کٽڻ جي مستحق هئي. پرڏيهي ميڊيا موجب دفاعي چيمپئين ارجنٽائن ناڪ آئوٽ مرحلي جي گذريل 4 ميچن ۾ آخري منٽن ۾ گول ڪري ڪاميابي حاصل ڪئي هئي پر نيو جرسي اسٽيڊيم ۾ اها اهڙو ڪارنامو نه ورجائي سگهي. ميچ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ليونل اسڪالوني انتهائي ڏک جو اظهار ڪيو. هن لڳاتار ٻيون ڀيرو ٽيم کي فائنل ۾ پهچڻ تي پنهنجي رانديگرن جو دل سان شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته اسپين جي ٽيم ميدان ۾ وڌيڪ بهتر ثابت ٿي پر هن کي پنهنجي رانديگرن جي ڪارڪردگي تي هميشه فخر رهندو. سندس چوڻ هيو ته فتح ۾ وڏو بڻجڻ آسان آهي پر حقيقي امتحان شڪست کي قبول ڪرڻ آهي، اڄ سندس ٽيم ثابت ڪري ڏيکاريو ته شڪست ڪهڙي طرح عزت سان قبول ڪئي ويندي آهي. ميچ دوران اسپين جو بال تي مڪمل ڪنٽرول رهيو ۽ ارجنٽائن کي وڌيڪ موقعو نه ڏنو جڏهن ته فائنل جي مقرر وقت جي آخرتائين اينزو فرنانڊيز کي ٻيو ييلو ڪارڊ ملڻ تي ميدان مان ٻاهر موڪلڻ تي ارجنٽائن جي مشڪلاتن ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو. 39 سالن جي ڪپتان ليونل ميسي جي مستقبل جي باري ۾ ڳالهائيندي اسڪالوني ٻڌايو ته هن به اڃان ميسي سان ان بابت ڪا به ڳالهه ٻولهه ناهي ڪئي پر هو تاريخ جو عظيم ترين فٽ بالر آهي. هن ٽورنامينٽ ۾ 8 گول ڪري شاندار راند جو مظاهرو ڪيو. ليونل اسڪالوني پنهنجي مستقبل جي حوالي سان جذباتي ٿيندي چيو ته ان معاملي تي فٽ بال فيڊريشن جي صدر سان ڳالهه ٻولهه ڪندس ۽ کيس سوچڻ لاءِ ڪجهه وقت گهرجي ڇو ته ان سطح تي ٻيهر ٽيم کي ٺاهڻ ۽ ذهن کي نئين سر ي کان تيار ڪرڻ هڪ انتهائي ڏکيو ڪم آهي.