راولپنڊي - 20 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات بابت وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري نورين نيازي جي پاڪستان مخالف بيان جي سخت مذمت ڪندي ان کي ناقابل قبول، ناقابل معافي ۽ قومي مفادن جي خلاف قرار ڏنو آهي. هن چيو ته نورين نيازي پنهنجي ڀاءُ جي سياست لاءِ معرڪه حق تي سوال اٿاري رهي آهي ۽ اهڙا بيان ڏئي رهي آهي جيڪي ڀارتي ميڊيا جي زينت بڻجي …
نورين نيازي جو پاڪستان مخالف بيان ناقابل قبول، ناقابل معافي ۽ قومي مفادن جي خلاف آهي: بئريسٽر دانيال چوڌري
راولپنڊي – 20 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات بابت وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري نورين نيازي جي پاڪستان مخالف بيان جي سخت مذمت ڪندي ان کي ناقابل قبول، ناقابل معافي ۽ قومي مفادن جي خلاف قرار ڏنو آهي. هن چيو ته نورين نيازي پنهنجي ڀاءُ جي سياست لاءِ معرڪه حق تي سوال اٿاري رهي آهي ۽ اهڙا بيان ڏئي رهي آهي جيڪي ڀارتي ميڊيا جي زينت بڻجي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينئر صوبائي وزير مريم اورنگزيب جي اڳواڻي ۾ نڪتل هڪ ريلي کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ريلوي جي وفاقي وزير محمد حنيف عباسي، قومي اسيمبلي جي ميمبرن طاهره اورنگزيب ۽ ملڪ ابرار سميت مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته حڪومت قومي سلامتي، رياستي وقار، خودمختياري ۽ قومي مفادن جي تحفظ تي ڪوبه ٺاهه نه ڪندي ۽ پاڪستان خلاف ڪنهن به منفي بياني يا پروپيگنڊا کي هر سطح تي سختي سان رد ڪيو ويندو. هن چيو ته نورين نيازي جي ڀاءُ جي سياست دفن ٿي چڪي آهي، سندس پارٽي سخت ڏڦيڙ جو شڪار آهي جڏهن ته خيبرپختونخوا جي حڪومت عوامي مسئلن کي حل ۾ بري طرح ناڪام ٿي چڪي آهي. هن چيو ته پنهنجي سياسي ناڪامين تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ڪُجهه عنصر پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، پر قوم ڪڏهن به اهڙن ارادن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندي. وفاقي پارلياماني سيڪريٽري چيو ته پوري قوم پاڪستان جي سلامتي، خودمختياري، استحڪام ۽ قومي وقار جي تحفظ لاءِ متحد آهي ۽ حڪومت قومي يڪجهتي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پنهنجون ذميواريون ادا ڪندي رهندي.












