نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ڪينيڊا جي پرڏيهي وزير انيتا آنند جي ملاقات

اسلام آباد- 20 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ڪينيڊا جي پرڏيهي وزير انيتا آنند ملاقات ڪئي. سومر ڏينهن پرڏيهي معاملن واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب، ملاقات دوران، ٻنهي ڌرين پاڪستان ۽ ڪينيڊا جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۾ تازي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل مفاد تي …

اسلام آباد- 20 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ڪينيڊا جي پرڏيهي وزير انيتا آنند ملاقات ڪئي. سومر ڏينهن پرڏيهي معاملن واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب، ملاقات دوران، ٻنهي ڌرين پاڪستان ۽ ڪينيڊا جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۾ تازي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل مفاد تي ٻڌل ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو. انهن ترجيحي شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ۽ متفقه گڏيل بيان تي عملدرآمد جي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ هر سال اجلاس منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

مزید خبریں