يوم الحاقِ پاڪستان اسان کي پاڪستان ۽ ڄمون ڪشمير وچ ۾ گهرن تاريخي، ثقافتي ۽ روحاني رشتن جي ياد ڏياري ٿو: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد - 19 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي، ته يوم الحاقِ پاڪستان اسان کي پاڪستان ۽ ڄمون ڪشمير جي عوام وچ ۾ گهرن تاريخي ۽ روحاني رشتن جي ياد ڏياري ٿو ۽ پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ ۾ ڪشميري عوام جي آزاداڻي مرضي جي احترام ڪرڻ جي اهميت جو به ورجاءُ ڪري ٿو، اٽڪل 8 ڏهاڪن کان ڄمون ڪشمير جو تڪرار گڏيل قومن جي …

اسلام آباد – 19 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي، ته يوم الحاقِ پاڪستان اسان کي پاڪستان ۽ ڄمون ڪشمير جي عوام وچ ۾ گهرن تاريخي ۽ روحاني رشتن جي ياد ڏياري ٿو ۽ پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ ۾ ڪشميري عوام جي آزاداڻي مرضي جي احترام ڪرڻ جي اهميت جو به ورجاءُ ڪري ٿو، اٽڪل 8 ڏهاڪن کان ڄمون ڪشمير جو تڪرار گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن باوجود جن ۾ ڄمون ڪشمير جي عوام جي خوداراديت واري حق کي تسليم ڪيو ويو آهي، حل نه ٿي سگهيو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته اڄوڪو ڏينهن ڄمون ڪشمير مسلم ڪانفرنس پاران 19 جولاءِ 1947ع تي منظور ڪيل ان تاريخي ٺهراءَ جي ياد ڏياري ٿو جيڪو ننڍي کنڊ جي تاريخ م هڪ فيصلائتي موڙ تي ڄمون ڪشمير جي مسلمانن جي سياسي امنگن جو اظهار هئي، هي ڏينهن اسان کي پاڪستان ۽ ڄمون ڪشمير جي عوام وچ ۾ گهرن تاريخي، ثقافتي ۽ روحاني رشتن جي ياد ڏياري ٿو ۽ پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ ۾ ڪشميري عوام جي آزاداڻي مرضي جي احترام ڪرڻ واري اهميت کي ورجائي ٿو. اٽڪل 8 ڏهاڪن کان ڄمون ڪشمير تڪرار گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن باوجود جن ۾ ڄمون ڪشمير جي عوام جي خوداراديت واري حق کي تسليم ڪيو ويو، حل نه ٿي سگهيو. ان بنيادي حق جو مسلسل انڪار ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جون مسلسل ڀڃڪڙيون، عالمي برادري لاءِ گهري ڳڻتي جو سبب آهن. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان هميشه گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ان تڪرار جي پرامن ۽ منصفاڻي حل جي وڪالت ڪئي آهي. اسان عالمي برادري خاص ڪري گڏيل قومن تي زور ڀريون ٿا ته هو ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق کي حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي حمايت ڪري ۽ پنهنجي ذميواري پوري ڪري. صدر مملڪت چيو ته مان ڄمون ڪشمير جي عوام جي حوصلي ۽ پختي عزم کي سلام پيش ڪيان ٿو جن پنهنجي جائز حقن کي حاصل ڪرڻ لاءِ لازوال قربانيون ڏنيون آهن. پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل آهي ۽ انهن جي خوداراديت واري حق کي حاصل ڪرڻ تائين پنهنجي پختي سفارتي، سياسي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.