پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن موجب ڄمون ڪشمير جي تبديل نه ٿيندڙ خوداراديت واري حق جي اصولي حمايت تي ثابت قدم آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد - 19 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن موجب ڄمون ڪشمير جي تبديل نه ٿيندڙ خوداراديت واري حق جي اصولي حمايت تي ثابت قدم آهي. ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ان صورت ۾ ممڪن آهي جڏهن ان تڪرار کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب پرامن طريقي سان حل …

اسلام آباد – 19 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن موجب ڄمون ڪشمير جي تبديل نه ٿيندڙ خوداراديت واري حق جي اصولي حمايت تي ثابت قدم آهي. ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ان صورت ۾ ممڪن آهي جڏهن ان تڪرار کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب پرامن طريقي سان حل ڪيو وڃي. يوم الحاق پاڪستان، جيڪو آچر تي ملهايو ويو، جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته يوم الحاق پاڪستان هر سال 19 جولاءِ کي هن تاريخي ٺهراءَ جي ياد ۾ ملهايو ويندو آهي، جيڪو 19 جولاءِ 1947ع تي سرينگر ۾ ٿيل آل ڄمون ڪشمير مسلم ڪانفرنس جي اجلاس ۾ متفقه طور منظور ڪيو ويو هو. هي متفقه ٺهراءُ ننڍي کنڊ جي تاريخ جي هڪ فيصلائتي مرحلي تي ڄمون ڪشمير جي مسلمانن جي اجتماعي سياسي امنگن جو اظهار هو. ان ٺهراءَ ۾ رياست جو پاڪستان سان الحاق جي خواهش جو اظهار ڪيو ويو ۽ ڊوگره حڪمرانن تي زور ڀريو ويو ته هو عوام جي خواهشن جو احترام ڪن. هي ٺهراءَ اڄ به ڄمون ڪشمير جي عوام جي سياسي جدوجهد جو هڪ اهم تاريخي سنگ ميل سمجهيو ويندو آهي. وزيراعظم چيو ته هي ڏينهن پاڪستان ۽ ڄمون ڪشمير جي عوام وچ ۾ موجود ان مضبوط پراڻن رشتن جي به عڪاسي آهي، جيڪا گڏيل تاريخ، عقيدي، ثقافت، جاگرافيائي ۽ گڏيل وابستگي تي ٻڌل آهي. سڀ کان وڌي ڪري هي ان بنيادي اصول کي اجاگر ڪري ٿو ته ڪشميري عوام جي آزاداڻي طور تي ظاهر ڪيل خواهشن ۽ امنگن جو احترام ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن موجب ڄمون ڪشمير جي عوام جي تبديل نه ٿيندڙ خوداراديت واري حق جي اصولي حمايت تي ثابت قدم آهي. ڄمون ڪشمير جو غير حل ٿيل تڪرار اڄ به خطي جي امن ۽ سلامتي تي گهرا اثر وجهي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ان صورت ۾ ممڪن آهي جڏهن هن تڪرار کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب پرامن طريقي سان حل ڪيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستاني عوام، ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير جي عوام پنهنجي بنيادي حقن جي حاصلات لاءِ جاري منصفاڻي جدوجهد، انهن جي جرئت، استقامت ۽ ثابت قدمي کي سلام پيش ڪري ٿو، پاڪستان ڪشميري عوام جي پختي سفارتي، سياسي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو، ۽ پنهنجي تبديل نه ٿيندڙ خوداراديت واري حق کي آزاداڻي طور استعمال ڪرڻ جي قابل نه ٿو ٿئي.