يوم الحاق پاڪستان ڪشميري عوام جي آزادي، خود اراديت واري حق ۽ پاڪستان سان لازوال رشتي جي تجديد جو ڏينهن آهي: سيد يوسف رضا گيلاني

اسلام آباد- 19 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته يوم الحاق پاڪستان ڪشميري عوام جي آزادي، خود اراديت واري حق ۽ پاڪستان سان لازوال رشتي جي تجديد جو ڏينهن آهي، 19 جولاءِ ڪشميري عوام جي پاڪستان سان گهري وابستگي ۽ خود اراديت واري حق جي پختي عزم جي علامت آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو …

اسلام آباد- 19 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته يوم الحاق پاڪستان ڪشميري عوام جي آزادي، خود اراديت واري حق ۽ پاڪستان سان لازوال رشتي جي تجديد جو ڏينهن آهي، 19 جولاءِ ڪشميري عوام جي پاڪستان سان گهري وابستگي ۽ خود اراديت واري حق جي پختي عزم جي علامت آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن مطابق حل طلب عالمي تڪرار آهي، ان جو منصفاڻو ۽ پائيدار حل خطي ۾ ڊگهي امن لاءِ اڻٽر آهي. هن مطالبو ڪيو ته عالمي برادري والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺي ۽ ڪشميري عوام کي سندن بنيادي خود اراديت وارو حق ڏيارڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ ڪشميري عوام جي جائز جدوجهد جي هميشه ڀرپور حمايت ڪندي رهي آهي، سينيٽ قومي، علائقائي ۽ عالمي پارلياماني فورمز تي ڪشميري عوام جو آواز اثرائتي انداز ۾ اٿاريو آهي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت هر سطح تي جاري رکندو، آزادي ۽ انصاف لاءِ ڪشميري عوام جي قربانين کي ڪڏهن به فراموش نه ڪيو ويندو.