اسلام آباد- 19 جولاءِ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته يوم الحاق پاڪستان ڪشمير عوام جي آزادي ۽ خود اراديت واري حق سان وابستگي جي تجديد جو ڏينهن آهي. ريلوي وزارت طرفان يوم الحاق پاڪستان (19 جولاءِ 2026ع) جي موقعي تي آچر ڏينهن جار پيغام ۾ وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو ته پاڪستان جو هر شهري ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان ڪلهو …
يوم الحاق پاڪستان ڪشميري عوام جي آزادي ۽ خوداراديت واري حق سان وابستگي جي تجديد جو ڏينهن آهي: محمد حنيف عباسي

مزید خبریں
اسلام آباد- 19 جولاءِ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته يوم الحاق پاڪستان ڪشمير عوام جي آزادي ۽ خود اراديت واري حق سان وابستگي جي تجديد جو ڏينهن آهي. ريلوي وزارت طرفان يوم الحاق پاڪستان (19 جولاءِ 2026ع) جي موقعي تي آچر ڏينهن جار پيغام ۾ وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو ته پاڪستان جو هر شهري ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، ڪشميري عوام جي آزادي جي جدوجهد کي طاقت سان دٻائي نه ٿو سگهجي. هن چيو ته گڏيل قومن جي قراردادن مطابق ڄمون ۽ ڪشمير مسئلي جو منصفاڻو حل خطي ۾ ڊگهي امن جي ضمانت آهي. هن مطالبو ڪيو ته عالمي برادري والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي پامالين جو فوري نوٽيس وٺي، ڪشميري عوام کي سندن خود اراديت وارو حق ڏيارڻ عالمي برادري جي گڏيل ذميواري آهي، پاڪستان ڪشميري عوام جي سفارتي، سياسي ۽ اخلاقي حمايت هر سطح تي جاري رکندو. هن چيو ته ڪشميري عوام جون قربانيون رائيگان نه وينديون، پاڪستان سندن جائز جدوجهد سان گڏ بيٺل آهي.











