اسلام آباد- 19 جولاءِ (اي پي پي) 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان جاري ڀارتي ظلم پاڪستان سان ڪشميرين جي محبت ۽ عقيدت ختم ڪرڻ يا ڀارتي قبضي کان آزادي حاصل ڪرڻ جي ان عزم کي ڪمزور ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق يوم الحاق پاڪستان جي موقعي تي جاري ڪيل رپورٽ مطابق ڄمون ۽ ڪشمير جي آزادي ۽ پاڪستان سان الحاق لاءِ 1947ع کان 5 لک …
پاڪستان سان الحاق لاءِ 5 لک کان وڌيڪ ڪشميرين پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو: رپورٽ

مزید خبریں
اسلام آباد- 19 جولاءِ (اي پي پي) 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان جاري ڀارتي ظلم پاڪستان سان ڪشميرين جي محبت ۽ عقيدت ختم ڪرڻ يا ڀارتي قبضي کان آزادي حاصل ڪرڻ جي ان عزم کي ڪمزور ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق يوم الحاق پاڪستان جي موقعي تي جاري ڪيل رپورٽ مطابق ڄمون ۽ ڪشمير جي آزادي ۽ پاڪستان سان الحاق لاءِ 1947ع کان 5 لک کان وڌيڪ ڪشميري پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪري چڪا آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته بدترين ڏاڍ باوجود ڪشميري عوام پنهنجي سياسي اُمنگن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڀارتي فوج جنوري 1989ع کان هاڻي تائين 96502 ڪشميرين کي شهيد ڪيو آهي جن مان 7421 کي حراست دوران شهيد ڪيو ويو. رپورٽ مطابق 8 هزار ڪشميرين کي گرفتار ڪري گم ڪيو ويو آهي، 11285 کان وڌيڪ عورتن جي بيحرمتي ڪئي وئي ۽ 110610 کان وڌيڪ گهرن، دڪانن ۽ ٻين عمارتن کي تباهه ڪيو ويو آهي. رپورٽ مطابق حريت اڳواڻن سميت 3 هزار کان وڌيڪ ڪشميري والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۽ ڀارت جي مختلف جيلن ۾ نظربند آهن. رپورٽ مطابق ڪشميري هن ڏينهن کي پنهنجي ان يقين جو اظهار ڪرڻ لاءِ ملهائي رهيا آهن ته ڪشمير ۽ پاڪستان لازم و ملزم آهن ۽ هو پاڪستان سان ڄمون ۽ ڪشمير جي الحاق جي حمايت ڪندي 19 جولاءِ 1947ع تي مظور ڪيل تاريخي قرارداد مطابق پنهنجي جدوجهد جاري رکندا پيا اچن.











