اسلام آباد - 18 جولاءِ (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز ۽ ڳجهن ادارن تي ٻڌل ڪارروائي سان وانا ۽ ڀرپاسي جي شهري آبادي کي هڪ وڏي امڪاني تباهي کان بچايو ويو. سيڪيورٽي فورسز ڏکڻ وزيرستان لوئر دير جي علائقي وانا (غواخوا) ۾ بارودي مواد سان ڀريل گاڏي آپگهاتي حملي کان اڳ ئي تباهه ڪري ڇڏي. سيڪيورٽي ذريعن موجب گاڏي ۾ موجود ڌماڪيدار مواد ڪنهن به امڪاني دهشتگرد حملي ۾ استعمال …
سيڪيورٽي فورسز وانا ۾ وقت سر ڪارروائي ڪري دهشتگردي جي وڏي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي

مزید خبریں
اسلام آباد – 18 جولاءِ (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز ۽ ڳجهن ادارن تي ٻڌل ڪارروائي سان وانا ۽ ڀرپاسي جي شهري آبادي کي هڪ وڏي امڪاني تباهي کان بچايو ويو. سيڪيورٽي فورسز ڏکڻ وزيرستان لوئر دير جي علائقي وانا (غواخوا) ۾ بارودي مواد سان ڀريل گاڏي آپگهاتي حملي کان اڳ ئي تباهه ڪري ڇڏي. سيڪيورٽي ذريعن موجب گاڏي ۾ موجود ڌماڪيدار مواد ڪنهن به امڪاني دهشتگرد حملي ۾ استعمال ٿيڻو هو، ڪارروائي دوران سيڪيورٽي فورسز انتهائي پيشيواراڻي مهارت سان معصوم شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻايو آهي. سيڪيورٽي فورسز آپگهاتي حملي لاءِ تيار گاڏي جي مسلسل ٽن ڏينهن کان نگراني ڪئي ۽ آبادي کان پري وڃڻ تي کيس نشانو بڻايو. سيڪيورٽي ذريعن موجب سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪارروائي ۾ بارود سان ڀريل گاڏي ۽ موٽر سائيڪل تباهه جڏهن ته هڪ خوارجي ماريو ويو ۽ 5 دهشتگرد زخمي ٿيا. دهشتگردي خلاف ڪامياب ڪارروائي ان ڳالهه جو چٽو ثبوت آهي ته سيڪيورٽي فورسز امن دشمن ڌرين خلاف شيهي جي ڀت بڻيل آهي.










