چيني سيڙپڪارن جي سهڪار سان پاڪستان جي صحت جي شعبي ۾ انقلابي تبديليون آڻي سگهجن ٿيون: سيد مصطفيٰ ڪمال

اسلام آباد- 18 جولاءِ (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته چيني سيڙپڪارن جي سهڪار سان پاڪستان جي صحت جي شعبي ۾ انقلابي تبديليون آڻي سگهجن ٿيون، حڪومت سيڙپڪارن کي درپيش رڪاروٽن کي ختم ڪندي سيڙپڪاري جي عمل کي وڌيڪ آسان ۽ شفاف بڻائي ڇڏيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڇنڇر ڏينهن هتي پاڪستان چين فارماسيوٽيڪل اينڊ هيلٿ ڪيئر بي ٽو بي …

اسلام آباد- 18 جولاءِ (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته چيني سيڙپڪارن جي سهڪار سان پاڪستان جي صحت جي شعبي ۾ انقلابي تبديليون آڻي سگهجن ٿيون، حڪومت سيڙپڪارن کي درپيش رڪاروٽن کي ختم ڪندي سيڙپڪاري جي عمل کي وڌيڪ آسان ۽ شفاف بڻائي ڇڏيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڇنڇر ڏينهن هتي پاڪستان چين فارماسيوٽيڪل اينڊ هيلٿ ڪيئر بي ٽو بي انويسٽمنٽ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيني سيڙپڪارن تي زور ڀريو ته هو پاڪستان ۾ موجود وسيع سيڙپڪاري جي موقعن مان ڀرپور فائدو کڻن. هن چيو ته حڪومت سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ پر عزم آهي ته جيئن گڏيل منصوبن ذريعي صحت جي شعبي کي جديد رخن تي آڻي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان ۾ طبي اوزارن جي مقامي سطح تي تياري جو عمل تيزي سان هٿي وٺي رهيو آهي، جنهن سان نه صرف آمدني واپار تي ڀاڙڻ ۾ گهٽتائي ايندي پر روانگي واپار ۽ روزگار جا نوان موقعا به پيدا ٿيندا. هن وڌيڪ چيو ته نئين ڪاروبار جي رجسٽريشن، لائسنسنگ ۽ ٻين حڪومتي معاملن کي آسان بڻايو ويو آهي ته جيئن سيڙپڪارن کي ڪاروبار جي شروعات ۽ توسيع ۾ غير ضروري ڏکيائين کي منهن نه ڏيڻو پوي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان سيڙپڪاري لاءِ هڪ سازگار ۽ پر ڪشش ماحول فراهم ڪري رهيو آهي، جتي حڪومتي سهڪار، معاشي سڌارا ۽ ٻه طرفي ڀائيواري ذريعي سيڙپڪارن لاءِ روشن امڪان موجود آهن.

مزید خبریں