آءِ ايس پي آر جي انتظام هيٺ سڄي ملڪ جي شاگردن لاءِ سمر ڪيمپ 2026ع جو بندوبست ڪيو ويو

اسلام آباد- 18 جولاءِ (اي پي پي) آءِ ايس پي آر سمر ڪيمپ 2026ع ۾ سڄي ملڪ جي 18 کان وڌيڪ اسٽيشنز جي 4 هزار کان وڌيڪ شاگرد شريڪ ٿيا. اڳوڻي سينيٽر ۽ تجزيو ڪندڙ جاويد جبار جي آءِ ايس پي آر سمر ڪيمپ 2026ع جي شرڪت ڪندڙن سان خاص ويهڪ ٿي. خاص ويهڪ دوران پاڪستانيت ۽ تحريڪ آزادي جي موضوع تي خاص ڳالهيون ٿيون. اڳوڻي سينيٽر ۽ تجزيو ڪندڙ …

اسلام آباد- 18 جولاءِ (اي پي پي) آءِ ايس پي آر سمر ڪيمپ 2026ع ۾ سڄي ملڪ جي 18 کان وڌيڪ اسٽيشنز جي 4 هزار کان وڌيڪ شاگرد شريڪ ٿيا. اڳوڻي سينيٽر ۽ تجزيو ڪندڙ جاويد جبار جي آءِ ايس پي آر سمر ڪيمپ 2026ع جي شرڪت ڪندڙن سان خاص ويهڪ ٿي. خاص ويهڪ دوران پاڪستانيت ۽ تحريڪ آزادي جي موضوع تي خاص ڳالهيون ٿيون. اڳوڻي سينيٽر ۽ تجزيو ڪندڙ جاويد جبار جو شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چوڻ هو ته پاڪستان جو قيام دنيا جي تاريخ جو هڪ منفرد واقعو هو، جيڪو قائداعظم جي بصيرت، ثابت قدمي ۽ سياسي حڪمت عملي سبب ممڪن ٿيو، محدود وسيلن باوجود پاڪستان جي غيور قوم عزم ۽ قرباني سان هڪ مضبوط رياست جو بنياد رکيو. هن چيو ته پاڪستان جي تهذيبي ۽ تاريخي سڃاڻپ نه صرف سنڌ، پر مهر ڳڙهه جهڙي هزارين سال پراڻي قديم تهذيبن تائين ڦهليل آهي، پاڪستاني قوم ذهانت، همدردي، مهمان نوازي، رواداري ۽ منفرد قومي سڃاڻپ سبب دنيا ۾ نمايان مقام رکي ٿي. ڪشمير مسئلي تي ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان هميشه ڪشميري عوام جي خود اراديت واري حق جي اصولي موقف جي مستقل حمايت ڪئي آهي، پاڪ فوج جا آفيسر ۽ جوان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي اڳيان مورچن تي وڙهن ٿا ۽ آفيسرن جي شهادت جي شرح دنيا جي فوجن ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. آءِ ايس پي آر سمر ڪيمپ نوجوانن ۾ قومي شعور، هاڪاري قدرن ۽ صلاحيتن کي نکارڻ لاءِ هڪ اهم اڳڀرائي آهي.

مزید خبریں