اسلام آباد-17 جولاءِ (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ڪابينه فيصلو ڪيو آهي ته اوگرا رواني جي بنياد تي قيمتن جو تعين ڪري، اوگرا روزاني جي بنياد تي قيمتون ويب سائٽ تي شايع ڪندي، اسان جي قيادت خطي جي صورتحال ۾ بهتريءَ لاءِ ڪامياب ڪوششون ڪيون، عالمي مارڪيٽ ۾ ڊيزل جي قيمت 110 ڊالر مان وڌي 140 ڊالرن …
اوگرا هاڻ رواني جي بنياد تي پيٽروليم شين جون قيمتون مقرر ۽ ويب سائٽ تي جاري ڪندي، اسان جي قيادت خطي جي صورتحال ۾ بهتريءَ لاءِ ڪامياب ڪوششون ڪيون: علي پرويز ملڪ

مزید خبریں
اسلام آباد-17 جولاءِ (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ڪابينه فيصلو ڪيو آهي ته اوگرا رواني جي بنياد تي قيمتن جو تعين ڪري، اوگرا روزاني جي بنياد تي قيمتون ويب سائٽ تي شايع ڪندي، اسان جي قيادت خطي جي صورتحال ۾ بهتريءَ لاءِ ڪامياب ڪوششون ڪيون، عالمي مارڪيٽ ۾ ڊيزل جي قيمت 110 ڊالر مان وڌي 140 ڊالرن تائين پهچي وئي آهي، عالمي مارڪيٽ ۾ توانائيءَ جي قيمتن ۾ ٻيهر واڌ ٿي رهي آهي، وفاق پيٽرولم قيمتن ۾ سبسڊي لاءِ 130 ارب ڊالر خرچ ڪيا، پيٽروليم قيمتن تي سبسڊيءَ جو پروگرام اڄ به جاري آهي. اهڙو اظهار هن جمعي تي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سان گڏ پيٽروليم شين جي قيمتن جي حوالي سان ڳالهائيندي ڪيو. پيٽروليم واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پهرين جنگبندي ۽ پوءِ مستقل امن لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون جڏهن ته موجوده صورتحال سبب عالمي مارڪيٽ ۾ ڊيزل ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ ٻيهر واڌ ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي. عالمي مارڪيٽ ۾ ڊيزل جو پليٽس ريٽ اٽڪل 110 ڊالرن کان وڌي 140 ڊالر جڏهن ته پيٽرول جو پليٽس ريٽ اٽڪل 89 ڊالر کان وڌي 100 ڊالرن جي ويجهو پهچي چڪي آهي جنهن جي نتيجي ۾ توانائيءَ جون قيمتون ٻيهر وڌڻ شروع ٿيون آهن. هن چيو ته حڪومت عوام جي ڏُکيائين کان چڱيءَ ريت واقف آهي ۽ وزيراعظم جي هدايت تي وفاقي حڪومت اٽڪل 130 ارب رپين جا وسيلا ڪتب آڻي عوام کي سهارو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته صدرِ مملڪت آصف علي زرداري ۽ سمورن صوبائي وڏن وزيرن جي سهڪار سان ٽارگٽڊ سبسڊيءَ جو پروگرام به ڪيترائي 100 ارب رپين جي سطح تي اڄ به جاري آهي. هن چيو ته وفاقي ڪابينه پيٽروليم شين جي قيمتن جي تعين جي نظام ۾ شفافيت آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن تحت هاڻ اوگرا روزاني جي بنياد تي عالمي مارڪيٽ موجب قيمتن جو تعين ڪندي. اوگرا نه صرف پليٽس ريٽ پنهنجي ويب سائٽ تي شايع ڪندي پر پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ شامل سمورا سبب به عوام آڏو پيش ڪندي ته جيئن شهري پاڻ به ڄاڻي سگهن ته قيمتن ۾ ڦيرڦار ڪهڙي بنياد تي ڪيا پيا وڃن ۽ هي فيصلا ڇو اڻٽر ٿيندا آهن. علي پرويز ملڪ چيو ته حڪومت عوام سان ڪيل پنهنجي واعدي تي قائم آهي ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتن ۾ گهٽتائي اچڻ تي ان جو فائدو عوام کي منتقل ڪيو ويو. هن چيو ته ڊويزل جي قيمت 520 رپين کان گهٽ ڪري اٽڪل 300 رپين جي دائري ۾ اچي چڪي آهي جڏهن ته پيٽرول جي قيمت ۾ اٽڪل 70 کان 80 رپين جي گهٽتائي عوام کي منتقل ڪئي وئي. هن واضح ڪيو ته ليوي جي حوالي سان عالمي معاهدن کان وڌيڪ عوام تي ڪوبه بار نه وڌو ويو ۽ 27 ۽ 28 فيبروري جي سطح جي ڀيٽ ۾ موجوده ليوي به ان کان گهٽ آهي. هن چيو ته حڪومت هڪ طرف شفافيت کي هٿي ڏئي رهي آهي جڏهن ته ٻي طرف ان ڊائريڪٽر ٽيڪسيشن جي بار ۾ به گهٽتائيءَ لاءِ قدم جاري آهن. هن چيو ته حڪومت قيمتن جي تعين جي نظام کان پنهنجو ڪردار محدود ڪندي ريگيوليٽر کي مؤثر ڪردار ادا ڏئي رهي آهي ته جيئن صارفين، حڪومت ۽ آئل سيڪٽر جي سمورن ڀائيوارن جي مفادن ۾ توازن برقرار رکي سگهجي. سندس چوڻ هو ته جنهن شعبي ۾ حڪومت پنهنجو ڪردار محدود ڪيو اتي عوام لاءِ بهتري آئي آهي. وفاقي وزير ٻُاڌيو ته ايندڙ 7 ورڪنگ ڊيز جي پليٽس ريٽ جي سراسر جي بنياد تي روزانو قيمتن جو تعين ڪيو ويندو ته جيئن عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتن ۾ واڌ يا گهٽتائيءَ جو اثر فوري طور عوام تائين منتقل ٿي سگهي. هن ان کي پيٽروليم سيڪٽر جي ڊي ريگيوليشن طرف هڪ اهم قدم قرار ڏنو. علي پرويز ملڪ چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي ان جي اڳواڻيءَ ۾ اعليٰ سطحي ڪميٽي پيٽروليم سيڪٽر جي ڊي ريگيوليشن، انرجي پرائسنگ ۽ انرجي سيڪيورٽي آرڪيٽيڪچر تي ڪم ڪري رهي آهي جنهن جا چار اجلاس ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ايندڙ 15 کان 20 ڏينهن ۾ سفارشون مڪمل ڪري عوام آڏو پيش ڪيون وينديون. هن چيو ته وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل کيس پاڪستان جي انرجي سيڪيورٽي آرڪيٽيڪچر تي ڪم جي ذميداري سونپي آهي، ان سلسلي ۾ اسٽريٽجڪ پيٽروليم ريزرو جي قيام لاءِ عالمي ناليوارين ڪنسلٽنٽس ذريعي مطالعاتي ڪم شروع ڪيو ويو آهي ته جيئن ان باري ۾ فيصلو ڪري سگهجي ته آيا حڪومت 5 سالن جي عرصي ۾ 500 ملين کان هڪ ارب ڊالرن تائين جي سيڙپڪاري ڪري ايندڙ نسلن لاءِ اسٽريٽجڪ پيٽروليم ذخيرا قائم ڪري سگهي ٿي يا نه. وفاقي وزير ٻُڌايو ته ڪمرشل بانڊڊ اسڪيم تحت سعودي آرامڪو، ڪويت پيٽروليم، قطر انرجي، آمريڪي ۽ـ چيني ڪمپنين سميت ٻين عالمي ادارن سان مشاورت مڪمل ڪئي ويندي آهي ته جيئن هو پنهنجي تيل جا ذخيرا پاڪستان ۾ رکي سگهن ۽ هنگامي يا جنگي صورتحال ۾ حڪومت کي انهن ذخيرن مان خريداريءَ جو حق حاصل ٿئي. ان حوالي سان سمري ايندڙ هفتي وفاقي ڪابينه ۾ پيش ڪئي ويندي. هن چيو ته مقامي سطح تي تيل ۽ گيس جي ڳولا وڌائڻ لاءِ به قدم جاري آهن ۽ ترڪ پيٽروليم اٽڪل 20 سالن کانپوءِ آڪٽوبر ۾ سمنڊ ۾ تيل ۽ گيس جي ڳولا لاءِ پنهنجو جهاز پاڪستان آڻيندي. هن چيو ته سرڪلر ڊيٽ جي مسئلي جي حل، اِي اينڊ پي ڪمپنين کي ادائگين، ريفائنري اپ گريڊ پاليسي، گيس سيڪٽر جي ان بنڊلنگ، آئل مارڪيٽنگن ڪمپنين جي ڪنسوليڊيشن ۽ توانائيءَ جي شعبي جي انتظامي ڍانچي ۾ بهتريءَ تي پڻ ڪم جاري آهي. علي پرويز ملڪ چيو ته حڪومت محدود وسيلن باوجود عوام تي بار گهٽ ڪرڻ ۽ توانائيءَ جي شعبي ۾ پائيدار سڌارن لاءِ قدم جاري رکي رهي آهي ته جيئن مستقبل ۾ ملڪ جي انرجي سيڪيورٽي وڌيڪ مضبوط ٿي سگهي. هن چيو ته وزيراعظم ايف آءِ اي، آءِ بي ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته آئل سيڪٽر ۾ ناجائز منافع خوري جي ڪنهن به ڪوشش خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ قانون موجب فوري قدمن کي يقيني بڻايو وڃي، جڏهن ته حڪومت عوام جي خدشن جي ازالي لاءِ هر ممڪن قدم جاري رکندي.










