اسلام آباد- 16 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مڪه مڪرمه جي مقدس جاءِ خلاف بزدلاڻي ۽ ڪڌي ڊرون حملي جي ڪوشش جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ڀائر اسلامي ملڪ سعودي عرب جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي دفاع سان گڏوگڏ حرمين الشريفين جي تحفظ ۽ مقدس مُلڪ سان ڪُلهو ڪُلهي ۾ ملائي پُختي عزم سان گڏ بيٺو آهي. اربع تي سماجي رابطن جي پليٽ …
وزيراعظم پاران مڪه مڪرمه جي مقدس جاءِ خلاف بزدلاڻي ۽ ڪڌي ڊرون حملي جي ڪوشش جي سخت مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد- 16 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مڪه مڪرمه جي مقدس جاءِ خلاف بزدلاڻي ۽ ڪڌي ڊرون حملي جي ڪوشش جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ڀائر اسلامي ملڪ سعودي عرب جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي دفاع سان گڏوگڏ حرمين الشريفين جي تحفظ ۽ مقدس مُلڪ سان ڪُلهو ڪُلهي ۾ ملائي پُختي عزم سان گڏ بيٺو آهي. اربع تي سماجي رابطن جي پليٽ فارم ايڪس تي بيان ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستاني عوام ان اشتعال انگيز قدمن تي ڏکويل ۽ گهري ڳڻتي ۾ ورتل آهي. ان مذمت جوڳي ۽ ناقابل معافي قدمن تي اسان جي دلين ۾ موجود گهري ڏک ۽ بي چيني کي بيان ڪرڻ جي لاءِ لفظ ڪافي نه آهن. هن چيو ته اسان رائل سعودي هٿياربند فوج جي غير معمولي ڪارڪردگي، بهادري ۽ پيشيوراڻي صلاحيت کي سلام پيش ڪريون ٿا، جن وڏي بهادري سان ڪارروائي ڪندي ان ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر سڀني ڌرين تي زور ڏيون ٿا ته وڌ کان وڌ صبر جو مظاهرو ڪن ۽ وڌيڪ ڇڪتاڻ جي خطري کان پوئتي هٽن. اسان جو خطو اڳ ئي تڪرارن جي ڪري تمام گهڻو نقصان کڻي چُڪو آهي. پائيدار امن حاصل ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ۽ سفارتڪاري ئي واحد قابل عمل رستو آهي. هن چيو ته پاڪستان برادر اسلامي ملڪ سعودي عرب جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي دفاع سان گڏگڏ حرمين الشريفين جي تحفظ ۽ تقدس جي لاءِ به سعودي عرب سان ڪُلهو ڪُلهي ۾ ملائي پختي عزم سان گڏ بيٺل آهي هي اهڙي ذميواري آهي جنهن کي هر پاڪستاني پنهنجي دل جي ويجهو رکي ٿو.










