زمبابوي ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٻيو ون ڊي انٽرنيشنل ميچ 18 سيپٽمبر تي کيڏيو ويندو

هراري-16 سيپٽمبر(اي پي پي ) زمبابوي ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جو ٻيو ميچ 18 سيپٽمبر تي هراري اسپورٽس ڪلب ۾ کيڏيو ويندو. پرڏيهي ميڊيا موجب آسٽريليا جي ٽيم اڄڪلهه زمبابوي جي دوري تي آهي جتي کيس ميزبان ٽيم خلاف ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز ۾ 0-1 جي برتري حاصل آهي. آسٽريليا پهرين ون ڊي ميچ ۾ ميزبان ٽيم کي 59 رنسن تان هارايو هيو. ڪينگروز ٽيم آل رائونڊر مچل مارش جي …

هراري-16 سيپٽمبر(اي پي پي ) زمبابوي ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جو ٻيو ميچ 18 سيپٽمبر تي هراري اسپورٽس ڪلب ۾ کيڏيو ويندو. پرڏيهي ميڊيا موجب آسٽريليا جي ٽيم اڄڪلهه زمبابوي جي دوري تي آهي جتي کيس ميزبان ٽيم خلاف ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز ۾ 0-1 جي برتري حاصل آهي. آسٽريليا پهرين ون ڊي ميچ ۾ ميزبان ٽيم کي 59 رنسن تان هارايو هيو. ڪينگروز ٽيم آل رائونڊر مچل مارش جي اڳواڻي ۾ ميدان ۾ لهندي جڏهن ته ميزبان زمبابوي کي آل رائونڊر سڪندر رضا ليڊ ڪندو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ميچن جي سيريز جو ٻيو ميچ 18 سيپٽمبر جڏهن ته ٽيون ۽ آخري ميچ 20 سيپٽمبر تي کيڏيو ويندو.