وزيراعظم پاران پمز اسپتال ۾ باهه کان بچاءُ سميت نظام جي بهتري، ان کي عالمي گهرجن سان هم آهنگ بڻائڻ ۽ انڪوائري رپورٽ جي روشني ۾ تجويز ڪيل قدمن کي ايندڙ ٽن مهينن ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد - 16 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پمز اسپتال ۾ باهه کان بچاءُ سميت نظام جي بهتري، ان کي عالمي گهرجن سان هم آهنگ بڻائڻ ۽ انڪوائري رپورٽ جي روشني ۾ تجويز ڪيل قدمن کي ايندڙ ٽن مهينن ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پمز اسپتال جي بهتري لاءِ ڊگهي مدي وارن قدمن تي ٻڌل هڪ جامع لائحه عمل پڻ جوڙيو وڃي. …

اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پمز اسپتال ۾ باهه کان بچاءُ سميت نظام جي بهتري، ان کي عالمي گهرجن سان هم آهنگ بڻائڻ ۽ انڪوائري رپورٽ جي روشني ۾ تجويز ڪيل قدمن کي ايندڙ ٽن مهينن ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پمز اسپتال جي بهتري لاءِ ڊگهي مدي وارن قدمن تي ٻڌل هڪ جامع لائحه عمل پڻ جوڙيو وڃي. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پمز اسپتال جي بهتري لاءِ لائحه عمل بابت اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پمز جي جاچ رپورٽ ۽ قومي صحت واري وزارت پاران پمز جي ڪارڪردگي آڊٽ جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته انڪوائري رپورٽ ۾ تجويز ڪيل ننڍي مدي وارن قدمن تي عملدرآمد کي ايندڙ ٽن مهينن ۾ يقيني بڻايو وڃي، پمز اسپتال ۾ بهتري ۽ ان کي عالمي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن ۽ باهه کان بچاءُ سان لاڳاپيل نظام لاءِ پي ڪي ايل آءِ کان مدد ۽ تجويزون طلب ورتيُون وڃن. وزيراعظم چيو ته ڊبليو ايڇ او جي رپورٽ ۾ موجُود تجويزن تي غور ڪري انهن تي عمل درآمد به يقيني بڻايو وڃي، اسپتال ۾ دوائن جي فراهمي ۽ سهولتون بلڪل مفت فراهم ڪرڻ لاءِ قدم به لائحه عمل جو حصو بڻايا وڃن، پمز اسپتال جي بهتري لاءِ سٺي ساک رکندڙ ماڻهن کي مقرر ڪيو وڃي، پمز اسپتال جي بهتري لاءِ ڊگهي مدي وارن قدمن تي ٻڌل هڪ جامع لائحه عمل پُڻ جوڙيو وڃي، پولي ڪلينڪ اسپتال جو آڊٽ ڪري بي ضابطگين کي ختم ڪيو وڃي ۽ ان جي ٻيهر جوڙجڪ لاءِ لئحه عمل جوڙيو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سي ڊي اي اسلام آباد ۾ موجُود سڀني سرڪاري ۽ نجي اسپتالن ۾ باهه کان بچاءُ وارن قدمن تي عمل درآمد يقيني بڻائي، سي ڊي اي ۽ سڀئي لاڳاپيل ادارا سرڪاري ۽ نجي آفيسن ۽ عمارتن ۾ باهه کان بچاءُ جي حوالي سان آڊٽ کي يقيني بڻائين، سڀني آفيسن ۽ عمارتن ۾ باهه کان بچاءُ جي قدمن تي عمل درآمد کي يقيني بڻايو وڃي. اجلاس کي قومي صحت واري وزارت پاران پمز اسپتال جي بهتري ۽ ان کي عالمي معيار سان هم آهنگ بڻائڻ لاءِ قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پمز اسپتال جي ڪارڪردگي آڊٽ ۾ جانچيل اشارن مان، 90 سيڪڙو جي قابل قبول هدف جي ڀيٽ ۾ صرف 39.7 سيڪڙو تعميل نظر آئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پمز جي جاچ رپورٽ جي روشني ۾ 37 تجويز ڪيل قدمن تي فوري طور تي عملدرآمد يقيني بڻايو پيو وڃي، جڏهن ته اجلاس کي مختصر، وچولي ۽ ڊگهي مدي جي قدمن تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ وفاقي وزير وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، احد خان چيما، عطاءُ الله تارڙ، سيد مصطفيٰ ڪمال، خاص مددگار مختار احمد ڀرت ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.