اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاران سينئر صحافي شوڪت ڊار جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد - 16 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سينئر صحافي شوڪت ڊار جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اربع ڏينهن پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مرحوم شوڪت ڊار جي خاندان سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته شوڪت ڊار جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي مون کي تمام گهڻو ڏک ٿيو …

اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سينئر صحافي شوڪت ڊار جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اربع ڏينهن پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مرحوم شوڪت ڊار جي خاندان سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته شوڪت ڊار جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي مون کي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي. مرحوم صحافت جي ميدان ۾ قيمتي خدمتون سرانجام ڏنيون. هن چيو ته شوڪت ڊار جو لاڏاڻو صحافت جي ميدان لاءِ هڪ ناقابل تلافي نقصان آهي، مرحوم جي صحافتي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جاءِ ڏئي ۽ سوڳوار خاندان کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.