ڊرون کي مڪي شريف جي فضائي حدن ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ئي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: سعودي عرب

رياض-15سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي عرب چيو آهي ته يمن جي حوثي باغين طرفان ڇڪتاڻ ۾ اضافي دوران سعودي عرب جي فضائي دفاعي نظام، مڪي شريف جي فضائي حدن ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ هڪ ڊرون کي تباهه ڪري ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق اتحادي فورسز جي ترجمان ميجر جنرل ترڪي المالڪي اربع ڏينهن صبح جو بيان ۾ چيو آهي ته ان ڊرون کي گذريل ڏينهن سعودي وقت مطابق …

رياض-15سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي عرب چيو آهي ته يمن جي حوثي باغين طرفان ڇڪتاڻ ۾ اضافي دوران سعودي عرب جي فضائي دفاعي نظام، مڪي شريف جي فضائي حدن ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ هڪ ڊرون کي تباهه ڪري ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق اتحادي فورسز جي ترجمان ميجر جنرل ترڪي المالڪي اربع ڏينهن صبح جو بيان ۾ چيو آهي ته ان ڊرون کي گذريل ڏينهن سعودي وقت مطابق شام جو 6 لڳي 50 منٽ تي مڪي شريف جي ڏکڻ ۾ انٽرسيپٽ ڪيو ويو. هن چيو ته اهو قدم ريڊ لائن آهي جنهن تي اسان ضروري ۽ سخت قدم کڻڻ کان نه ڪيٻائينداسين. ترجمان چيو ته اها ڪوشش دهشتگرد حوثي ميليشيا جي ڀڃڪڙين جي رڪارڊ مان هڪ ڪارو داغ آهي . ان کي لکين مسلمانن جي جذبن کي مجروع ڪرڻ جي سڌيءَ ريت ڪارروائي سمجهو پيو وڃي . حرمين الشريفين جي مهمانن، شهرين ۽ رهائشين کي خوف ۾ مبتلا ڪرڻ ۽ نقصان پهچائڻ جي ڪوشس ڪئي وئي . ان گروپ طرفان مقدس شهر طرف فائير ڪيل ميزائل کي ڪيرائڻ جو اهو پهريون واقعو ناهي. اتحادي فورسز مطابق سال 2017ع ۾ به سعودي فضائي دفاعي نظام حوثي ميليشيا طرفان مڪي پاڪ طرف فائير ڪيل هڪ بيليسٽڪ ميزائل کي انٽرسيپٽ ڪيو هو. اهو ميزائل طائف جي علائقي الوصليه مٿان ڪيرايو ويو هو. ان واقعي ۾ ڪو به جاني نقصان يا زخمي ٿيڻ جو اطلاع نه مليو هو.

مزید خبریں