اسلام آباد- 16 سيپٽمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ جي باني کي اسپتال منتقل ڪرڻ بابت ڪيس ۾ وفاقي آئيني عدالت پاران ڪيسن جو رڪارڊ طلب ڪرڻ جي معاملي تي اٽارني جنرل کان ايندڙ ٻڌڻي تي مدد طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 3 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي آهي. جسٽس شاهد وحيد جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بئنچ اربع تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران اٽارني …
پي ٽي آءِ باني کي اسپتال منتقل ڪرڻ بابت ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ اٽارني جنرل کان آئيني عدالت جي حڪمنامي تي مدد طلب ڪري ورتي
اسلام آباد- 16 سيپٽمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ جي باني کي اسپتال منتقل ڪرڻ بابت ڪيس ۾ وفاقي آئيني عدالت پاران ڪيسن جو رڪارڊ طلب ڪرڻ جي معاملي تي اٽارني جنرل کان ايندڙ ٻڌڻي تي مدد طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 3 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي آهي. جسٽس شاهد وحيد جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بئنچ اربع تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل منصور اعواڻ عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ وفاقي آئيني عدالت کان گذريل ڏينهن جاري ٿيل حڪم نامو پڙهي ٻڌايو. جسٽس شاهد وحيد چيو ته آئيني عدالت جي حڪم ۾ ڪيسن جو رڪارڊ گهرائي انهن کي مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ڪيس مقرر ڪرڻ جي حوالي سان اسان آئين جي گهرجن کي سمجهڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته اهي سوال صرف سمجهڻ لاءِ آهن، عدالتن وچ ۾ گڏيل احترام جا قائل آهيون. اٽارني جنرنل چيو ته آئين موجب وفاقي آئيني عدالت ڪيسن جو رڪارڊ ئي نه پر ڪيس به گهرائي سگهي ٿي، آئيني عدالت ۽ سپريم ڪورٽ اختيارن جو دائرو آئين ۾ واضح آهي. هن چيو ته اهو پنهنجي نوعيت جو پهريون ڪيس آهي ۽ مناسب ٿيندو ته سپريم ڪورٽ ڪيس تي ٻڌڻي ملتوي ڪري، جسٽس شاهد وحيد پڇيو ته سپريم ڪورٽ وفاقي آئيني عدالت جي حڪم جي پابند آهي ۽ اهو مقرر ٿيڻو آهي ته آئيني عدالت ڪٿان ڪٿان کان رڪارڊ گهرائي سگهي ٿي. جسٽس شاهد وحيد سوال ڪيو ته قرآن ۽ سنت جي روشني ۾ ڪيل سپريم ڪورٽ جي فيصلن جي ڇا آئيني عدالت پابند نه هوندي؟ ان تي اٽارني جنرل چيو ته فيصلن جي لاڳو ٿيڻ سان آئين جو آرٽيڪل 189 واضح آهي جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي شريعت بئنچ ، قرآن ۽ سنت جي تشريح ڪري سگهي ٿي. اٽارني جنرل چيو ته هو آئيني عدالت جي سوالن تي ڪا به ڳالهه نه ڪندو، عدالتي دائره اختيار جي نقطي تي مدد ڪندي. هن 3 هفتن جي مهلت جي گذارش ڪئي جنهن کي عدالت منظور ڪيو. سلمان اڪرم راجه موقف اختيار ڪيو ته پي ٽي آءِ باني جي فوجداري اپيل ۾ ڪنهن آئيني تشريح جي ضرورت نه هئي. توهين عدالت جي درخواستن ۾ به آئين جي تشريح گهربل ناهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ باني کي عدالتي حڪم تي اسپتال منتقل ناهي ڪيو ويو. عدالت رمارڪس ڏنا ته عدالت ۾ موجود اپيلون فوجداري ڪيسن ۽ توهين عدالت جي درخواستن بابت آهن. گذريل ٻڌڻي تي عارضي حڪم نامو جاري ڪيو ويو هو. جڏهن ته اڄ ٻڌڻي لاءِ ڪيس مقرر ٿيڻ تي ٻڌايو ويو ته وفاقي آئيني عدالت جي حڪم جي نتيجي ۾ ڪجهه ڪيس داخل ٿيا آهن. عدالت چيو ته ٻڌايو ويو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان ڪجهه ڪيس وفاقي آئيني عدالت تائين پهتا، جن ۾ پي ٽي آءِ باني کي ڏنل عارضي رليف گهريو ويو هو. وفاقي آئيني عدالت انهن ڪيسن تي ڪارروائي اڳيان وڌائڻ کان اڳ سپريم ڪورٽ ۾ التويٰ هيٺ ڪيسن جو رڪارڊ گهرائي ورتو. جسٽس شاهد وحيد چيو ته سپريم ڪورٽ جو حڪم هاڻي به قائم آهي. هن چيو ته اڊيالا جيل انتظاميه کي اڄ ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو ويو هو پر ڪو به سرڪاري آفيسر پيش ناهي ٿيو. اٽارني جنرل چيو ته اهو مناسب ٿيندو جيڪڏهن هڪ موقعو ڏنو وڃي. ممڪن آهي آفيسر اها سمجهي رهيا هجن ته اڄ ٻڌڻي نه ٿيندي. جسٽس شاهد وحيد چيو ته نظرثاني درخواست ۾ حڪومت لکيو آهي ته نجي اسپتال ۾ علاج نٿو ٿي سگهي. جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عملدرآمد نه ڪيو ويو. اٽارني جنرل چيو ته عدالت جي حڪم تي رڪارڊ فراهم ڪيو ويو آهي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا سپريم ڪورٽ جي حڪم جي باقي حصي تي عمل ٿي رهيو آهي ۽ ڇا پي ٽي آءِ باني جون ملاقاتون ۽ ٻارن سان ڳالهه ٻولهه ڪرائي وئي آهي؟ اٽارني جنرل جواب ڏنو ته سپريم ڪورٽ جا حڪم اثرائتا آهن ۽ هو ان معاملي کي به چيڪ ڪري وٺندو. عدالت اٽارني جنرل جي 3 هفتن جي مهلت واري گذارش منظور ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.











