اسلام آباد - 16 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل انسٽيٽيوٽ آف پبلڪ ايڊمنسٽريشن (نيپا) پشاور جي 47هين مڊ ڪيريئر مئنيجمينٽ ڪورس جي اسلام آباد ۽ مري جي اندرون ملڪ مطالعاتي دوري تي آيل وفد اربع ڏينهن پرڏيهي وزارت جو دورو ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب اچڻ تي پرڏيهي آفيس جي ترجمان وفد جو استقبال ڪيو ۽ کين فارن آفيس جي معاملن، پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي رخن ۽ ترجيحن …
نيشنل انسٽيٽيوٽ آف پبلڪ ايڊمنسٽريشن (نيپا) پشاور جي 47هين مڊ ڪيريئر مئنيجمينٽ ڪورس جي وفد جو پرڏيهي وزارت جو دورو
اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل انسٽيٽيوٽ آف پبلڪ ايڊمنسٽريشن (نيپا) پشاور جي 47هين مڊ ڪيريئر مئنيجمينٽ ڪورس جي اسلام آباد ۽ مري جي اندرون ملڪ مطالعاتي دوري تي آيل وفد اربع ڏينهن پرڏيهي وزارت جو دورو ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب اچڻ تي پرڏيهي آفيس جي ترجمان وفد جو استقبال ڪيو ۽ کين فارن آفيس جي معاملن، پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي رخن ۽ ترجيحن ۽ پاڪستان جي سفارتي ۽ عالمي مصروفيتن جي بدلجندڙ منظرنامي بابت بريفنگ ڏني. بريفنگ کانپوءِ سوالن جوابن جو سيشن ٿيو جنهن ۾ شرڪت ڪندڙن پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي، سفارتي پهچ ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي پوزيشن تي بحث ڪيو. ان مباحثي سان شرڪت ڪندڙن کي قومي مفادن جي فروغ ۽ عالمي برادري سان لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ فارن آفيس جي ڪردار کي بهتر طور تي سمجهڻ جو موقعو مليو. دوري جي پڄاڻي تي سووينيئرز جي ڏي وٺ پڻ ڪئي وئي.











