پاڪستان ۽ چين پاران بائونڊري جوائنٽ ڪميشن فعال

اسلام آباد - 16 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان چين لاڳاپن ۾ هڪ اهم سنگ ميل جي طو تي ٻنهي ڌرين اربع ڏينهن پاڪستان چين بائونڊري جوائنٽ ڪميشن کي فعال ڪري ڇڏيو، جنهن سان سرحدي انتظام، گڏيل سرحدي سروي، واپاري وهڪري ۽ ماڻهن سان ماڻهن جي رابطن ۾ بهتر تعاون جي راهه هموار ٿيندي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڪميشن جو افتتاحي اجلاس اسلام آباد ۾ پرڏيهي وزارت ۾ …

اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان چين لاڳاپن ۾ هڪ اهم سنگ ميل جي طو تي ٻنهي ڌرين اربع ڏينهن پاڪستان چين بائونڊري جوائنٽ ڪميشن کي فعال ڪري ڇڏيو، جنهن سان سرحدي انتظام، گڏيل سرحدي سروي، واپاري وهڪري ۽ ماڻهن سان ماڻهن جي رابطن ۾ بهتر تعاون جي راهه هموار ٿيندي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڪميشن جو افتتاحي اجلاس اسلام آباد ۾ پرڏيهي وزارت ۾ منعقد ٿيو جنهن جي گڏيل قيادت چيني پرڏيهي وزارت جي ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل (ڊپارٽمينٽ آف بائونڊري اينڊ اوشن افيئرز) لي يا ۽ پاڪستان جي پرڏيهي وزارت جي ڊئاريڪٽر جنرل (چين) بلال محمود چوڌري ڪئي.

مزید خبریں