اسلام آباد - 16 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چين جي پبلڪ سيڪيورٽي بابت نائب وزير گاؤچي سان اربع تي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪ چين ٻه طرفن لاڳاپن، دهشتگردي جي خاتمي ۽ منشيات جي روڪٿام جي حوالي سان گڏيل قدمن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون. ملاقات ۾ پوليس ٽريننگ ايڪسچينج پروگرام ۽ فورسز کي جديد ٽيڪنالاجي ۽ اوزارن جي فراهمي بابت گڏيل تعاون کي …
چين پاڪستان ۾ جديد طرز جي لا انفورسمينٽ سينٽر جي قيام ۾ مدد ڪندو، وفاقي گهرو وزير ۽ چين جي پبلڪ سيڪيورٽي بابت نائب وزير جي ٿيل ملاقات ۾ اتفاق
اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چين جي پبلڪ سيڪيورٽي بابت نائب وزير گاؤچي سان اربع تي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪ چين ٻه طرفن لاڳاپن، دهشتگردي جي خاتمي ۽ منشيات جي روڪٿام جي حوالي سان گڏيل قدمن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون. ملاقات ۾ پوليس ٽريننگ ايڪسچينج پروگرام ۽ فورسز کي جديد ٽيڪنالاجي ۽ اوزارن جي فراهمي بابت گڏيل تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ان موقعي تي ان ڳالهه تي به اتفاق راءِ ٿيو ته چين پاڪستان ۾ جديد طرز جي لا انفورسمينٽ سينٽر جي قيام ۾ ڀرپور فني ۽ لاجسٽڪ تعاون فراهم ڪندو. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته تجويز ڪيل لاانفورسمينٽ سينٽر پاڪ چين لازوال دوستي جي هڪ روشن علامت ثابت ٿيندو. هن واضح ڪيو ته موجوده وقت جي سيڪيورٽي چئلينجز کي اثرائتي انداز ۾ منهن ڏيڻ لاءِ چين آرٽيفيشل انٽيليجنس بيسڊ ٽيڪنالاجي ۽ جديد اوزارن سان تمام گهڻي مدد ملي سگهي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان چين سان داخلي سلامتي بابت سمورن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ جو خواهشمند آهي. چين جي نائب وزير گاؤچي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي پختي عزم ۽ بي مثال قربانين کي زبردست لفظن ۾ ساراهيندي چيو ته چين سيڪيورٽي شعبي ۾ اسلام آباد سان گڏ مڪمل تعاون جاري رکڻ جي خاطري ڪرائي ٿو.











