اسلام آباد - 16 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته سميڊا ملڪ جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن ۽ ڪاروباري ماڻهن جي مالي مدد لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙي، سميڊا جي ڪاروبار جي فروغ جي حڪمت عملي ۾ وڌ کان وڌ علائقن ۽ شعبن کي شامل ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، اربع ڏينهن …
وزيراعظم پاران سميڊا کي ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن ۽ ڪاروباري ماڻهن جي مالي مدد لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته سميڊا ملڪ جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن ۽ ڪاروباري ماڻهن جي مالي مدد لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙي، سميڊا جي ڪاروبار جي فروغ جي حڪمت عملي ۾ وڌ کان وڌ علائقن ۽ شعبن کي شامل ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، اربع ڏينهن اسلام آباد ۾ وزيراعظم جي صدارت ۾ ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن ۽ ڪاروباري ماڻهن کي مالي مدد ۽ سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ سميڊا جي نگراني ۾ جاري قدمن جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس منعقد ٿيو. وزيراعظم سميڊا کي ڪاروباري ماڻهن جي مالي مدد، پيشيوراڻي صلاحيت ۾ اضافي ۽ عالمي منڊين تائين پهچ جي لاءِ جامع حڪمت عملي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته سميڊا مختلف لاڳاپيل ادارن سان گڏيل تعاون سان جامع حڪمت عملي تي ڪم ڪري رهي آهي. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، قومي خوراڪ جي تحفظ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، قانون واري وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، واپار بابت وزيراعظم جي صلاحڪار هارون اختر، وزيراعظم جي يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان ۽ لاڳاپيل سرڪاري ادارن جي عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم هدايت ڪئي ته سميڊا ملڪ جي ننڍين ۽ وچولين صنعتن ۽ ڪاروباري ماڻهن جي مالي مدد لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي جوڙي، سميڊا جي ادارتي مقصد ۾ مُلڪ جي سڀني علائقن ۾ ڪاروبار جي حوصلا افزائي ۽ برابر سهولتون ۽ هڪجهڙي فني مدد سڀ کان مٿانهين هُجڻ گهرجي. ننڍين ۽ وچولي صنعتن ۽ ڪاروبار ۾ عورتن جي شموليت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سميڊا جي جاري پروگرام کي وڌيڪ وڌايو وڃي، مقامي ڪاروباري ماڻهن جي قومي ۽ عالمي سطح تي واپاري منڊين تائين پهچ جي لاءِ ڊجيٽل پليٽ فارمن کي موثر طريقي سان استعمال ڪيو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سميڊا جي ڪاروبار جي فروغ جي حڪمت عملي ۾ وڌ کان وڌ علائقن ۽ شعبا کي شامل ڪيو وڃي. زرعي جنسن جي پيداواري ۽ واپاري رابطن کي منظم ڪرڻ لاءِ سميڊا خاص قدمن تي ٻڌل حڪمت عملي تيار ڪري. ڪاروباري ماڻهن جي مالي مدد، فني صلاحيت ۾ اضافي ۽ سهولتن جي فراهمي تي هڪجهڙو ڌيان ڏنو وڃي. ان موقعي تي وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ننڍين ۽ وچولي صنعتن کي هٿي وٺرائڻ ۽ ڪاروباري ماڻهن جي مدد لاءِ هر سطح تي قدم کنيا پيا وڃن. ننڍن ڪاروبارن سان لاڳاپيل صنعتي پيداوار جي برآمدات ۾ اضافي ۽ عالمي منڊين تائين پهچ لاءِ دنيا ۾ بهترين رائج طريقن تي ڪم ڪيو پيو وڃي.










