ميرپور-17 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 27 جولاءِ جون چونڊون نه صرف آزاد ڪشمير پر پاڪستان لاءِ به غير معمولي اهميت رکن ٿيون. هن چيو ته پ پ اقتدار لاءِ نه پر عوامي خدمت، جمهوريت ۽ عوام جي آئيني، سياسي ۽ معاشي حقن لاءِ سياست ڪري ٿي. ڊڊيال ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته موجوده حالتن …
بلاول ڀٽو زرداري پاران آزاد ڪشمير لاءِ آئيني، سياسي ۽ معاشي حقن جو واعدو، آئيني ڪنوينشنز ۽ ٽروٿ اينڊ ريڪنسلي ايشن ڪميشن جي تجويز

مزید خبریں
ميرپور-17 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 27 جولاءِ جون چونڊون نه صرف آزاد ڪشمير پر پاڪستان لاءِ به غير معمولي اهميت رکن ٿيون. هن چيو ته پ پ اقتدار لاءِ نه پر عوامي خدمت، جمهوريت ۽ عوام جي آئيني، سياسي ۽ معاشي حقن لاءِ سياست ڪري ٿي. ڊڊيال ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته موجوده حالتن ۾ سياستدانن جي ذميداري آهي ته اهي ڪشميري عوام جو آواز بڻجي ان کي مظفر آباد، اسلام آباد ۽ عالمي سطح تائين پهچائين. هن چيو ته جيڪڏهن آزاد ڪشمير جو عوام پ پ تي اعتماد ڪري ٿو ته هو هر فورم تي ڪشميرين جي حقن جي ڀرپور نمائندگي ڪندي. هن آزاد ڪشمير جي هاڻوڪي صورتحال تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو. بلاول ڀٽو احتجاج ڪندڙن ۽ رياست وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ جي حل لاءِ هن ٽروٿ اينڊ ريڪنسلي ايشن ڪميشن قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي. هن چيو ته حقِ حاڪميت، حقِ ملڪيت ۽ حقِ روزگار پ پ جي منشور جو بنيادي حصو آهي. سندس چوڻ هو ته چونڊن کان پوءِ آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ آئيني ڪنونشنز قائم ڪيا ويندا، جتي سمورين سياسي پارٽين، ماهرن ۽ عوام جي مشاورت سان آئيني سڌارن تي اتفاق راءِ پيدا ڪيو ويندو. بلاول ڀٽو واضح ڪيو ته آئيني سڌارا روڊن تي نه پر پارليامينٽ، ڳالهين ۽ اتفاق راءِ سان ڪيا ويندا آهن. هن چيو ته ڪشمير جو مستقبل صرف ڪشميري عوام ئي طئي ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته پناهگير جي سيٽن جي تحفظ سان چونڊ نظام ۾ سڌارن تي به سنجيده ڳالهين جي ضرورت آهي ته جيئن ڪشميري عوام جي حقيقي نمائندگي يقيني بڻائي سگهجي.










