ناڻي واري وفاقي وزير جي صدارت هيٺ ڪيپيٽل مارڪيٽ ڊولپمينٽ ڪائونسل جو اجلاس

اسلام آباد-17 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ ڪيپيٽل مارڪيٽ ڊولپمينٽ ڪائونسل (سي ايم ڊي سي) جو اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ سيڙپڪاري منڊيءَ جي سڌارن تي ٿيل اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ خاص ڪري پاڪستان جي ڪارپوريٽ قرض جي مارڪيٽ جي تيز رفتار ترقي ۽ نجي شعبي لاءِ ڊگهي مُدي جي مالي وسيلن جي فراهمي ۾ سيڙپڪاريءَ …

اسلام آباد-17 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ ڪيپيٽل مارڪيٽ ڊولپمينٽ ڪائونسل (سي ايم ڊي سي) جو اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ سيڙپڪاري منڊيءَ جي سڌارن تي ٿيل اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ خاص ڪري پاڪستان جي ڪارپوريٽ قرض جي مارڪيٽ جي تيز رفتار ترقي ۽ نجي شعبي لاءِ ڊگهي مُدي جي مالي وسيلن جي فراهمي ۾ سيڙپڪاريءَ منڊيءَ جي ڪردار کي مضبوط بنائڻ تي توجهه ڏني وئي. اجلاس ۾ پاڪتان جي سيڙپڪاري منڊيءَ جي موجوده صورتحال جو جائزو ورتو ويو خاص ڪري ڪارپوريٽ قرضن جي مارڪيٽ جي ترقي ۽ جدت مالياتي ذريعن تائين پهچ وڌائڻ تي غور ڪيو ويو. ناڻي واري وزير چيو ته جيتوڻيڪ ايڪويٽي مارڪيٽ ۾ همٿائيندڙ اڳڀرائي ٿي آهي جڏهن ته ڪارپوريٽ جي قرضن جي مارڪيٽ اڃا به معيشت جي مالي ضرورتن جي ڀيٽ ۾ خاطرخواه ترقي ناهي ڪري سگهي. هن چيو ته قرض سيڙپڪاريءَ جي مارڪيٽ کي هٿي ڏيڻ، بئنڪن تي دارومدار گهٽائڻ، مارڪيٽ تي ٻَڌل جدت مالياتي ذريعن کي هٿي ڏيڻ ۽ اهڙو متوازن ۽ مضبوط مالياتي نظام جوڙڻ جي ضرورت آهي جيڪي خاص ڪري ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار جي ضرورتن کي پورو ڪري سگهن. اجلاس ۾ پاڪستان جي مقامي ڪرنسيءَ سان واڳيل بانڊ مارڪيٽ جي ترقيءَ جي حوالي سان جاري پرڏيهي تحقيقي مطالعي جو دائره ڪار ۽ شرطن (ٽي او آرز) تي به غور ڪيو ويو. ان مطالعي ۾ سرڪاري قرض گيري، غير بئنڪي مالياتي ادارن، پرائمري ڊيلر نظام، ثانوي مارڪيٽ، مارڪيٽ انفراسٽرڪچر، هچنگ ۽ ڊيريويٽيوز مارڪيٽ جي ترقيءَ سميت سيڙپڪاري مارڪيٽ جي مختلف شعبن ۾ سڌارن جو جائزو ورتو ويندو. ناڻي واري هدايت ڪئي ته ان مطالعي ۾ عالمي معيار جي چٽاڀيٽي جي جائزي جي بنياد تي قابلِ عمل ۽ شاهدين تي ٻَڌل سفارشون پيش ڪيون وڃن. اجلاس ۾ سيڪيورٽي اينڊ ايڪسچيج ڪميشن آف پاڪستان طرفان ٽاپ 100 لسٽڊ ڪمپنين کي ڪارپوريٽ قرضن جي مارڪيٽ تائين پهچ ۾ پيش ايندڙ مشڪلاتن بابت ڪيل سرويز ۽ ڌُرين سان مشاورت جي نتيجن جو به جائزو ورتو ويو. ناڻي واري وزير ان سلسلي ۾ کنيل قدمن کي ساراهيندي هدايت ئي ته صرف وڏين ڪمپنين تائين محدود رهڻ بدران وچولي درجي جي ڪاروبار ۽ ترقي جي صلاحيت رکندڙ ٻين ادارن کي به ان عمل ۾ شامل ڪيو وڃي. سينيٽر محمد اورنگزيب قرضن جي مارڪيٽ جي سڌارن کي تيز ڪرڻ لاءِ اداره جاتي صلاحيت وڌائڻ تي زور ڀريندي ايس اي سي پي ۽ پاڪستان اسٽاڪ ايڪچسينج کي هدايت ڪئي ته سينيئر انتظامي سطح تي خصوصي ڊيٽ ڊيسڪ قائم ڪيا وڃن جن جا واضح اختيار، قابلِ پيمائش هدف ۽ اڳڀرائيءَ جي نگرانيءَ جي ذميداري مقرر هجي. هن سيڙپڪاري مارڪيٽ کي وڌيڪ چٽاڀيٽي ۽ مؤثر بنائڻ لاءِ مارڪيٽ جي وچولي ادارن ۽ انفراسٽرڪچر فراهم ڪندڙ ادارن جي سگهه ۽ گڏيل چٽاڀيٽي وڌائڻ تي پڻ زور ڀريو ته جيئن مارڪيٽ جي ڪارڪردگي بهتر ٿئي، خدمتن جو معيار بلند ٿئي ۽ سيڙپڪارن ۽ قرض حاصل ڪندڙن لاءِ ڏي وٺ جي لاڳت گهٽ ڪري سگهجي. اجلاس ۾ ايس اي سي پي، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۽ سينٽرل ڊيپازٽري ڪمپني وچ ۾ بهتر هم آهنگي ذريعي ڪارپوريٽ قرض جاري ڪرڻ جي عمل کي آسان بنائڻ تي پڻ غور ڪيو ويو. ناڻي واري وزير هڪ ون ونڊو لسٽنگ فريم ورڪ، معياري طريقيڪار، مڪمل ڊجيٽل انضمام ۽ آسان ڊجيٽل سهولتون متعارف ڪرائڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن نَون قرض جاري ڪندڙن لاءِ شفافيت ۽ آسانيءَ کي يقيني بڻائي سگهجي. هن اها به هدايت ڪئي ته ڪارپوريٽ جي قرض لسٽنگ جي آسان طريقيڪار جو لاڳاپيل ادارا پنهنجي ويب سائٽ تي شايع ڪن. اجلاس ۾ اسلامي سيڙپڪاري مارڪيٽ جي ترقي، ملڪي سڪوڪ مارڪيٽ کي هٿي ڏيڻ، ثانوي مارڪيٽ ۾ ليڪويڊيٽي ۽ ٽريڊنگ بهتر بنائڻ، گرين ۽ پائيدار مالياتي اوزار جاري ڪرڻ کي هٿي ڏيڻ، ٽيڪس پاليسي، ايس ايم ايز جي تياري، مالياتي آگاهي، ڊجيٽل سيڙپڪاري پليٽ فارمز ۽ سيڙپڪاري مارڪيٽن تائين ڪاروباري ادارن جي پهچ وڌائڻ بابت تجويزن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناڻي واري وزير زور ڀريو ته هاڻ صرف مشاورت بدران عملي قدمن جو وقت آهي. هن هدايت ڪئي ته ڪائونسل جي ايندڙ سرگرمين کي سڌاره جاتي شعبن تحت خاص ورڪنگ گروپس جي صورت ۾ منظم ڪيو وڃي ته جيئن فيصلن ۽ ان تي عملدرآمد جي رفتار تيز ٿئي. هن ان ڳالهه تي پڻ زور ڀريو ته مشاورت، فني مطالعن ۽ عالمي بهتري تجربن مان حاصل ٿيندڙ سفارشن کي واضح ذميداريون مقرر مدت، هدف ۽ باقاعدي جائزي سان عملي سڌارن ۾ تبديل ڪيو وڃي.

مزید خبریں