اسلام آباد-17 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي نيشنل فيس ليس سينٽر کي لاڳو ڪرڻ جي روڊ ميپ ۽ آپريشنل تيارين جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس جي صدارت ڪئي. هي نئون منصوبو ٽيڪس آپريٽنگ ماڊل تحت ٽيڪس انتظاميه کي جديد ٽيڪنالاجي، مرڪزيت ۽ شافيت تي ٻَڌل نظام ۾ تبديل ڪرڻ طرف هڪ اهم سڌارا جاتي …
ناڻي واري وفاقي وزير جي صدارت هيٺ ايف بي آر جي نيشنل فيس ليس سينٽر کي لاڳو ڪرڻ جي روڊ ميپ ۽ آپريشنل تيارين جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد-17 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي نيشنل فيس ليس سينٽر کي لاڳو ڪرڻ جي روڊ ميپ ۽ آپريشنل تيارين جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس جي صدارت ڪئي. هي نئون منصوبو ٽيڪس آپريٽنگ ماڊل تحت ٽيڪس انتظاميه کي جديد ٽيڪنالاجي، مرڪزيت ۽ شافيت تي ٻَڌل نظام ۾ تبديل ڪرڻ طرف هڪ اهم سڌارا جاتي ڪوشش آهي. اجلاس کي منصوبي جي لاڳو ٿيڻ جي حوالي سان روڊ ميپ تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، جنهن ۾ پراجيڪٽ مئنجمينٽ يونٽ جو قيام، گورننس جا انتظام، ٽيڪنالاجيءَ جي ترقي، آپريشنل تيارين ۽ ان کي مرحليوار لاڳو ڪرڻ جي حڪمت عمليءَ کان آگاهه ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙن پري پائليٽ، پائليٽ ۽ مڪمل لاڳو ڪرڻ جا مرحلا طئي ڪيل اهم هدفن ۽ سنگِ ميل به پيش ڪيا ته جيئن منصوبي کي وقت سر مڪمل ڪري سگهجي. ناڻي واري وزير پراجيڪٽ مئنجمينٽ يونٽ جي قيام ۾ ٿيل اڳڀرائي کي ساراهيندي چيو ته منصوبي جي ڪاميابيءَ لاءِ آپريشنل ۽ ٽيڪنالاجي ٽيمن وچ ۾ مؤثر هم آهنگي اڻٽر آهي. هن چيو ته نيشنل فيس ليس سينٽر ٽيڪس انتظاميه کي ڊجيٽلائزيشن، معياري طريقيڪار ۽ شفافيت ذريعي جديد بنائڻ طرف هڪ اهم سڌاره جاتي قدم آهن. اجلاس ۾ نئين آپريٽنگ ماڊل جي لاءِ تيار ڪيل گورننس فريم ورڪ جو جائزو پڻ ورتو ويو جنهن ۾ منصوبي جي نگراني، رسڪ مئنجمينٽ ۽ ان کي لاڳو ڪرڻ جا مانيٽرنگ اداره جاتي انتظام شامل آهن. شرڪت ڪندڙن رسڪ انجڻ جي تياري ۽ قاعدن ضابطن جي بنياد تي ڪيسن جي چونڊ جي نظام ۾ ٿيل اڳڀرائيءَ کان آگاهه ڪيو. ناڻي واري وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سڄي ملڪ ۾ نظام کي لاڳو ڪرڻ کان اڳ هڪ مؤثر ۽ احتياط سان تيار ڪيل پائليٽ مرحلو انتهائي اهم آهي ته جيئن نئين آپريٽنگ ماڊل جي جاچ ڪري سگهجي. هن هدايت ڪئي ته آپريشنل تيارين کي يقيني بڻايو وڃي، امڪاني مسئلن جي وقت سر نشاندهي ڪئي وڃي ۽ حاصل ٿيندڙ تجربن جي روشنيءَ ۾ نظام کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي ته جيئن نئين نظام طرف منتقلي هموار ٿئي. اجلاس ۾ نيشنل فيس ليس سينٽر لاءِ ٽيڪنالاجي جي ترقي، ڪاروباري گهرجن، ڊجيٽل انفراسٽرڪچر ۽ـ سسٽم انٽيگريشن تي ٿيل اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو ويو. شرڪت ڪندڙن کي ٻُڌايو ويو ته منصوبي تي ايجائل طريقيڪار تحت عملدرآمد ڪيو پيو وڃي ته جيئن ترقي جي سمورن مرحلن ۾ ڪاروباري ۽ ٽيڪنالاجي ٽيمن وچ ۾ مسلسل تعاون برقرا رهي. ڊجيٽل انفراسٽرڪچر جي تحفظ جي اهميت تي زور ڀريندي ناڻي واري وزير چيو ته معلوماتي سيڪيورٽي ۽ ڊيٽا گورننس کي منصوبي جي لاڳو ٿيڻ جو لازمي حصو بڻايو وڃي. هن سائبر سيڪيورٽي صلاحيتن ۽ محفوظ ڊجيٽل انفراسٽرڪچر ۾ مسلسل سيڙپڪاري جي ضرورت تي زور ڀريو ته جيئن ٽيڪس ڏيندڙن جي ڊيٽا جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي ۽ نئين نظام جي ڊگهي مُدي جي پائيداري برقرار رهي. ناڻي واري وزير منصوبي تي باقاعدي اڳڀرائيءَ جو جائزو وٺڻ جي به هدايت ڪئي ته جيئن اهم هدفن جي وقت سر نگراني سامهون ايندڙ مسئلن جو فوري حل ۽ منصوبي جي مقرر وقت مطابق تڪميل يقيني بڻائي سگهجي. ناڻي واري وزير ان اهم ٽيڪس سڌاره جاتي منصوبو کي ڪاميابيءَ سان لاڳو ڪرڻ لاءِ حڪومت جي مڪمل تعاون کي ورجايو.










