اسلام آباد-17 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ۽ مملڪتي وزير طلال چوڌريءَ سان چين جي نيشنل اميگريشن ايڊمنسٽريشن جي ڊائريڪٽر جنرل چي جنگ يانگ جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ اعليٰ سطح وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اميگريشن، بارڊر مئنجمينٽ ۽ اداره جاتي تعاون کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات دوران غير قانوني اميگريشن، هٿيارن جي اسمگلنگ ۽ سرحد پار ڏوهن …
پاڪستان ۽ چين جو اميگريشن، بارڊر مئنجمينٽ تعاون، گڏيل ورڪنگ گروپ قائم ڪرڻ جو فيصلو

مزید خبریں
اسلام آباد-17 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ۽ مملڪتي وزير طلال چوڌريءَ سان چين جي نيشنل اميگريشن ايڊمنسٽريشن جي ڊائريڪٽر جنرل چي جنگ يانگ جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ اعليٰ سطح وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اميگريشن، بارڊر مئنجمينٽ ۽ اداره جاتي تعاون کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات دوران غير قانوني اميگريشن، هٿيارن جي اسمگلنگ ۽ سرحد پار ڏوهن خلاف گڏيل ڪاررواين کي مؤثر بنائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جڏهن ته اميگريشن پراسز کي وڌيڪ تيز بڻائڻ لاءِ هڪ معاهدي کي جلد حتمي شڪل ڏني ويندي. ان موقعي تي بارڊر مئنجيمنٽ ۽ سيڪيورٽيءَ جي نگرانيءَ لاءِ هڪ پاڪ- چين گڏيل ورڪنگ گروپ قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. گهرو وزير ڳالهائيندي چيو ته لينڊ بارڊر، سي پورٽس ۽ اميگريشن مئنجمينٽ ۾ چين سان تعاون وڌايو ويندو. هن واضح ڪيو ته پاڪستان حڪومت غير قانوني اميگريشن ۽ اسمگلنگ خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي تي عمل ڪري رهي آهي ۽ ان ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. خنجراب پاس تي سيڪيورٽيءَ کي مضبوط بنائڻ لاءِ چيڪ پوسٽ قائم ڪئي پئي وڃي. مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو ته گڏيل تعاون سان سرحدي ڏوهن جي روڪٿام ڪنداسين. چيني وفد جي سربراهه چي جنگ يانگ پاڪستان جي قدمن کي ساراهيندي چيو ته چين ۽ پاڪستان اسٽريٽجڪ پارٽنر آهن ۽ چين پاڪستاني ادارن جي سگهه وڌائڻ ۾ تعاون جاري رکندو. ملاقات ۾ چيني وفد، گهرو وزير محسن نقوي کي چين جي گهرو وزير طرفان پبلڪ سيڪيورٽي فورم ۾ شرڪت جي دعوت پيش ڪئي، جڏهن ته ايف آءِ اي جي وفد کي پڻ دعوت ڏني وئي. چيني سفير ان موقعي تي ٻُڌايو ته پاڪستاني پوليس آفيسر هلندڙ مهيني تربيت لاءِ چين وڃي رهيا آهن، جڏهن ته چيني استاد پاڪستان ۾ اسپيشل پروٽيڪشن يونٽ جي اهلڪارن کي چيني ٻوليءَ جي خاص تربيت فراهم ڪري رهيا آهن. هن اهم ملاقات ۾ چيني سفير گهرو سيڪريٽري، ڊي جي ايف آءِ اي ۽ ٻيا شريڪ هئا.










