اسلام آباد-17 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بنون ۽ ان سان لاڳاپيل علائقن ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي زبردست لفظن ۾ ساراهيو آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير بنون آپريشن دوران 24 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻين صلاحيتن ۽ بهادريءَ کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. گهرو وزير چيو ته ڪي پي ڪي ۾ …
گهرو معاملن واري وفاقي وزير پاران بنون آپريشن ۾ دهشتگردن جي مارجڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد-17 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بنون ۽ ان سان لاڳاپيل علائقن ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي زبردست لفظن ۾ ساراهيو آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير بنون آپريشن دوران 24 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻين صلاحيتن ۽ بهادريءَ کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. گهرو وزير چيو ته ڪي پي ڪي ۾ امن جي قيام لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون انتهائي ساراهه جوڳيون آهن ۽ ملڪ ۾ مستقل امن ۽ استحڪام لاءِ اهڙيءَ طرح جا انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز اڻٽر آهن. هن واضح ڪيو ته سيڪيورٽي فورسز جا آفيسر ۽ جوان اسان جي سرن جو تاج ۽ اصل هيروز آهن ۽ پوري قوم کي پنهنجي بهادر پُٽن تي فخر آهي، جن ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن کي ناس ڪيو آهي. گهرو وزير جو چوڻ هو ته بنون آپريشن جي ڪاميابي وطنِ عزيز کي دهشتگرديءَ جي ناسور مان هر صورت پار ڪرڻ جي پُختي عزم جو چِٽو ثبوت آهي.










