وزيراعظم پاران دنيا جي ناليواري يونيورسٽين ۾ تعليم پرائيندڙ پاڪستاني شاگردن جي پاڪستان ۾ انٽرن شپ جي فيصلي جي آجيان، پنهنجي تعليم، تحقيق ۽ عالمي تجربي کي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ استعمال ۾ آڻيو: محمد شهباز شريف

اسلام آباد - 17 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف دنيا جي ناليواري يونيورسٽين ۾ تعليم پرائيندڙ پاڪستاني شاگردن جي پاڪستان ۾ انٽرن شپ جي فيصلي جي آجيان ڪندي اسڪالرز تي زور ڏنو آهي ته اهي پنهنجي تعليم، تحقيق ۽ عالمي تجربي کي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ استعمال ۾ آڻين. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان “اڏار اوورسيز پاڪستان سمر اسڪالرز پروگرام” جي اسڪالرز جمعي ڏينهن …

اسلام آباد – 17 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف دنيا جي ناليواري يونيورسٽين ۾ تعليم پرائيندڙ پاڪستاني شاگردن جي پاڪستان ۾ انٽرن شپ جي فيصلي جي آجيان ڪندي اسڪالرز تي زور ڏنو آهي ته اهي پنهنجي تعليم، تحقيق ۽ عالمي تجربي کي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ استعمال ۾ آڻين. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان “اڏار اوورسيز پاڪستان سمر اسڪالرز پروگرام” جي اسڪالرز جمعي ڏينهن هتي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهي اسڪالرز منصوبابندي ۽ ترقي واري وزارت تحت پاڪستان کي درپيش مسئلن تي تحقيق جي لاءِ ڇهن هفتن جي انٽرن شپ ڪري رهيا آهن. وزيراعظم دنيا جي ناليواري يونيورسٽين ۾ تعليم پرائيندڙ پاڪستاني شاگردن جي پاڪستان ۾ انٽرن شپ جي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو ته قومي ترقي ۾ نوجوانن جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته پوري دنيا ۾ اڄ پاڪستاني شاگرد ۽ شاگردياڻيون ملڪ جو نالو روشن ڪري رهيا آهن. وزيراعظم اسڪالرز کي حڪومت جي سڌاراجاتي ايجنڊا تي بريفنگ ڏني ۽ انهن جي سوالن جا جواب ڏنا. هن چيو ته ماضي ۾ جڏهن ملڪ ڊيفالٽ جي ويجهو پهچي چڪو هو تڏهن هنگامي معاشي سڌارن جي ذريعي استحڪام حاصل ڪرڻ ممڪن ٿيو. جامع سڌارن ۾ ايف بي آر جي ڊيجيٽائيزيشن ۽ اوڳاڙين ۾ اضافو، ڪاروبار ۾ آساني، پيداواري صلاحيت ۾ اضافو، زرعي شعبي جي ترقي، نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ، قابل تجديد توانائي جو فروغ ۽ پائيدار معاشي ترقي سميت سڌارا شامل آهن. وزيراعظم چيو ته موثر انفورسمنٽ قدمن جي نتيجي ۾ گذريل مالي سال دوران ايف بي آر 800 ارب رپين کان وڌيڪ اضافي اوڳاڙيون جمع ڪيون. هن چيو ته حڪومت جي معاشي سڌارن جو مقصد مضبوط، پاڻڀري ۽ برآمدات تي ٻڌل معيشت جو بنياد رکڻ آهي. وزيراعظم چيو ته فيلڊ مارشل جي قيادت ۽ قوم جي ڀرپور حمايت سان پاڪستان مئي 2025ع ۾ ڀارت کي شڪست ڏني. آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جاري جنگ روڪرائڻ ۾ پاڪستان جو ثالثي ڪردار پاڪستان جي سفارتي تاريخ جو هڪ نمايان باب آهي. وزيراعظم ٻڌايو ته پاڪستان جي سفارتي ڪوششن جي نتيجي ۾ اسلام آباد مفاهمتي يادداشت طئي ٿي جيڪا عالمي امن جي لاءِ هڪ اهم اڳڀرائي آهي. وزيراعظم اسڪالرز تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي تعليم، تحقيق ۽ عالمي تجربي کي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ استعمال ۾ آڻين. اجلاس ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين مختلف شعبن ۾ بهتري جي حوالي سان پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير احسن اقبال، عطاءُ الله تارڙ، علي پرويز ملڪ، ناڻي وارو مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، قومي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري مملڪتي وزير وجيهه قمر ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعلى آفيسر شريڪ هئا.






مزید خبریں