اسلام آباد- 17 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان جي صدارت ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي مجاز ادارن جي بارڊر سروسز جي سربراهن جو ٻارهون اجلاس جمعي ڏينهن 17 جولاءِ تي اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ بيلاروس، ڀارت، ايران، قازقستان، چين، ڪرغزستان، پاڪستان، روس، تاجڪستان، ازبڪستان ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي علائقائي دهشتگردي جي خاتمي واري ڍانچي (آر اي ٽي ايس) جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي بارڊر سروسز …
پاڪستان جي صدارت ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي مجاز ادارن جي بارڊر سروسز جي سربراهن جو ٻارهون اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد
اسلام آباد- 17 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان جي صدارت ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي مجاز ادارن جي بارڊر سروسز جي سربراهن جو ٻارهون اجلاس جمعي ڏينهن 17 جولاءِ تي اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ بيلاروس، ڀارت، ايران، قازقستان، چين، ڪرغزستان، پاڪستان، روس، تاجڪستان، ازبڪستان ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي علائقائي دهشتگردي جي خاتمي واري ڍانچي (آر اي ٽي ايس) جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي بارڊر سروسز جي سربراهن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي عالمي سرحدن جي موجوده صورتحال، ان سان لاڳاپيل رجحانن ۽ مستقبل جي اڳڪٿين تي معلومات ۽ پنهنجي جائزي جي مٽاسٽا ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس دوران گڏيل سرحدي آپريشن “سوليڊرٽي– 2025ع” جي نتيجن تي غور ڪيو ويو ۽ انهن کي منظور ڪيو ويو جيڪو شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي مجاز ادارن جي بارڊر سروسز گڏيل طور تي سرانجام ڏنو هو. گڏيل سرحدي آپريشن سوليڊرٽي – 2026 جي تياري ۽ انعقاد جي منصوبي تي غور ڪندي ان کي منظور ڪيو ويو. شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي مجاز ادارن جي بارڊر سروسز جي ماهرن جي گروپ جي لاءِ 2027ع جي ورڪ پلان جي منظوري ڏني وئي. تاجڪستان پاران سوليڊرٽي – 2027ع گڏيل سرحدي آپريشن جي 2027ع ۾ ميزباني جي تجويز جي حمايت ڪئي وئي. شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي مجاز ادارن جي سربراهن بارڊر سروسز جي ايندڙ اجلاس جي جڳهه ۽ وقت بابت تجويزن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سرحدن تي درپيش نئين چئلينجز ۽ خطرن کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان گڏيل مشاورت ۽ گڏيل موقف جي جوڙجڪ سان ميمبر ملڪن جي بارڊر سروسز جي وچ ۾ تعاون وڌيڪ مضبوط ٿيندو جڏهن ته گڏيل سرحدن تي سلامتي ۽ گڏيل اعتماد ۾ پڻ اضافو ٿيندو. اجلاس خوشگوار، تعميري ۽ دوستاڻي ماحول ۾ منعقد ٿيو. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 18:39











