اسلام آباد-17 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان- چين بي ٽو بي انويسٽمينٽ ڪانفرنس دوران پاڪستان جي فارماسيوٽيڪل شعبي ۾ سيڙپڪاري ۽ ٽيڪنالاجيءَ کي هٿي وٺرائڻ طرف هڪ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي. صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال ۽ وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر سان گڏ پاڪستان- چين بي ٽو بي انويسٽمينٽ ڪانفرنس جي موقعي تي گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪيو. صحت واري وزير چيو ته پاڪستان …
پاڪستان- چين بي ٽو بي ڪانفرنس: فارماسيوٽيڪل شعبي ۾ 100 ملين ڊالرن جو معاهدو

مزید خبریں
اسلام آباد-17 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان- چين بي ٽو بي انويسٽمينٽ ڪانفرنس دوران پاڪستان جي فارماسيوٽيڪل شعبي ۾ سيڙپڪاري ۽ ٽيڪنالاجيءَ کي هٿي وٺرائڻ طرف هڪ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي. صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال ۽ وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر سان گڏ پاڪستان- چين بي ٽو بي انويسٽمينٽ ڪانفرنس جي موقعي تي گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪيو. صحت واري وزير چيو ته پاڪستان جي فارماسيوٽيڪل سيڪٽر لاءِ اڄ جو ڏينهن انتهائي اهميت رکي ٿو. صحت واري وزير چيو ته ڪانفرنس ۾ فارماسيوٽيڪل شعبي جي سمورن اهم ڪيٽيگريز جو جائزو ورتو ويو آهي، جنهن سان هي پاڪستان جي فارماسيوٽيڪل سيڪٽر جي هڪ اهم عالمي ڪانفرنس بڻجي وئي آهي. هن ٻُڌايو ته ڪانفرنس ۾ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ 170 چيني وفدن شرڪت ڪئي، جڏهن ته اڄ فارماسيوٽيڪل سيڪٽر ۾ 100 ملين آمريڪي ڊالرن جي معاهدا طئي ٿيا آهن. هن چيو ته چين ۾ پاڪستان جي سفير خليل هاشمي، ڊريپ ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن وچ ۾ گذريل 6 هفتن کان مسلسل مشاورت جاري هئي، جڏهن ته وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر پڻ ان ڪانفرنس جي تياريءَ لاءِ درجنين اجلاس منعقد ڪيا. انهن مطابق ڪانفرنس جي هر رُخ تي سمورين ڌُرين سان تفصيلي مشاورتي ڪئي وئي ۽ صحت واري وزارت، ڊريپ ۽ ٻين ادارن وچ ۾ مڪمل هم آهنگي سان ان جو بندوبست ممڪن بڻايو ويو. مصطفيٰ ڪمال چيو ته اطلاعات واري وزارت ڪانفرنس بابت اهم دستاويزن جو چيني زبان ۾ ترجمو ڪيو جنهن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ مؤثر رابطن کي هٿي ملندي. هن ان ڪانفرنس کي پاڪستان لاءِ گيم چينجز قرار ڏيندي چيو ته آهي ته ان ذريعي دنيا آڏو پاڪستان جي سگهه، سيڙپڪاري جي موقعن ۽ هاڪاري سُڃاڻپ اجاگر ٿي آهي. سندس چوڻ هو ته ٽيڪنالاجي ٽرانسفر ذريعي پاڪستان نين عالمي مارڪيٽن تائين پهچ حاصل ڪندو، جڏهن ته فارماسيوٽيڪل شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي منتقليءَ سان روزگار جا نوان موقعا پڻ پيدا ٿيندا. صحت واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جو ويزن پاڪستان کي فارماسيوٽيڪل صنعت ۾ نَون عالمي مارڪيٽن تائين وٺي وڃڻ آهي ۽ اها ڪانفرنس ان ويزن جي عملي تعبير ثابت ٿيندي. هن ڪانفرنس جي ڪامياب تياري ۽ بندوبست ڪرڻ ۾ ادا ڪندڙ سمورن ادارن، ڀائيوارن ۽ ڌُرين جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اهو تعاون مستقبل ۾ وڌيڪ مضبوط اقتصادي ۽ صنعتي رابطن جي بنياد بڻجندو.










