اسلام آباد-17 جولاءِ (اي پي پي) پارلياماني معاملي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري سيڪيورٽي فورسز کي زبردست خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته بنون ۾ خوارجين خلاف ڪامياب ڪاررواين ۾ فورسز جي پيشيوراڻي مهارت ۽ بهادريءَ تي پوري قوم کي فخر آهي. جمعي ڏينهن ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته وطنِ عزيز جي امن ۽ استحڪام لاءِ اسان جا بهادر جوان جانين جو نذرانو پيش …
پارلياماني معاملي واري وفاقي وزير پاران بنون ۾ خوارجين خلاف ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد-17 جولاءِ (اي پي پي) پارلياماني معاملي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري سيڪيورٽي فورسز کي زبردست خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته بنون ۾ خوارجين خلاف ڪامياب ڪاررواين ۾ فورسز جي پيشيوراڻي مهارت ۽ بهادريءَ تي پوري قوم کي فخر آهي. جمعي ڏينهن ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته وطنِ عزيز جي امن ۽ استحڪام لاءِ اسان جا بهادر جوان جانين جو نذرانو پيش ڪري رهيا آهن. دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پوري پاڪستاني قوم پنهنجي فوج سان گڏ بيٺل آهي. وفاقي وزير چيو ته دهشتگرديءَ خلاف هر ڪامياب ڪارروائي پاڪستان جي محفوظ ۽ مستحڪم مستقبل جي ضمانت آهي. خوارجين ۽ ٻين دهشتگردن جي ناپاڪ اِرادن کي هميشه ناڪام مٽيءَ ۾ ملايو ويندو. اسان جي هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا هر محاذ تي پوري قوت سان وطن جو دفاع ڪري رهيا آهن. بنون آپريشن ۾ حصو وٺندڙ سمورن جوانن کي سلام پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته وطن جي عظيم شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪريون ٿا جن جون لازوال قربانين امن جي بنياد کي مضبوط ڪيو. ان شاءَ الله رياست دهشتگرديءَ جي ناسور جي مڪمل خاتمي تائين پنهنجي جدوجهد جاري رکندي.










