اسلام آباد - 17 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته شنگهائي ۾ ورلڊ آرٽيفيشل انٽيلي جنس ڪانفرنس جي موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات ڪري خوشي ٿي آهي. جمعي ڏينهن سماجي رابطي جي پليت فارم ايڪس تي هڪ پيغام ۾ هن چيو ته مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ عالمي تعاون جي لاءِ هڪ اهم نئون …
ورلڊ آرٽيفيشل انٽيلي جنس ڪانفرنس جي موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات تي خوشي ٿي: اسحاق ڊار
اسلام آباد – 17 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته شنگهائي ۾ ورلڊ آرٽيفيشل انٽيلي جنس ڪانفرنس جي موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات ڪري خوشي ٿي آهي. جمعي ڏينهن سماجي رابطي جي پليت فارم ايڪس تي هڪ پيغام ۾ هن چيو ته مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ عالمي تعاون جي لاءِ هڪ اهم نئون عالمي پليٽ فارم آهي. نائب وزيراعظم چيو ته اسان گڏيل قومن ۾ پنهنجي تازين ملاقاتن ۽ ٽيليفونڪ رابطن کي خوشگوار انداز ۾ ياد ڪيو ۽ خطي ۽ دنيا جي تازي اهم اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته اسان گڏيل عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ، امن جي فروغ، پائيدار ترقي ۽ سڀني جي لاءِ برابر ۽ جامع اڳڀرائي کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ گهڻ رخي تعاون جي اهميت تي پڻ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي.












