اسلام آباد - 15 جولاءِ ( اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سارڪ چارٽر سان پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪندي رابطن، پائيدار ترقي ۽ ڏکڻ ايشيا جي عوام جي گڏيل خوشحالي جي فروغ جي لاءِ علائقائي تعاون کي ٻيهر فعال ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو آهي. هو ڏکڻ ايشيائي علائقائي تعاون جي تنظيم (سارڪ) جي سيڪريٽري جنرل سفير محمد غلام سرور سان ڳالهائي رهيو هو جنهن …
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سارڪ جي سيڪريٽري جنرل سفير محمد غلام سرور جي الوداعي ملاقات، وزيراعظم پاران سارڪ چارٽر سان پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ
اسلام آباد – 15 جولاءِ ( اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سارڪ چارٽر سان پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪندي رابطن، پائيدار ترقي ۽ ڏکڻ ايشيا جي عوام جي گڏيل خوشحالي جي فروغ جي لاءِ علائقائي تعاون کي ٻيهر فعال ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو آهي. هو ڏکڻ ايشيائي علائقائي تعاون جي تنظيم (سارڪ) جي سيڪريٽري جنرل سفير محمد غلام سرور سان ڳالهائي رهيو هو جنهن اربع ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس الوداعي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سارڪ جي سيڪريٽري جنرل جي حيثيت سان پنهنجي ملازمت جي مدي دوران علائقائي تعاون کي فروغ ڏيڻ ۾ سيڪريٽري جنرل جي مخلصاڻي خدمتن ۽ قيادت کي ساراهيو. هن سارڪ چارٽر سان پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ رابطن، پائيدار ترقي ۽ ڏکڻ ايشيا جي عوام جي گڏيل خوشحالي جي فروغ جي لاءِ علائقائي تعاون کي ٻيهر فعال ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم سفير محمد غلام سرور جي مستقبل جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. سارڪ جي سيڪريٽري جنرل سارڪ جي سربراهه جي حيثيت سان پنهنجي ملازمت جي مدي دوران پاڪستان پاران فراهم ڪيل تعاون تي وزيراعظم جا ٿورا ادا ڪيا.











