صدر جي ترجمان مرتضى سولنگي جو انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز جي اهتمام هيٺ عالمي ڪانفرنس کي خطاب

اسلام آباد - 15 جولاءِ ( اي پي پي) انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اسلام آباد جي سينٽر فار افغانستان مڊل ايسٽ اينڊ آفريقا فريڊرڪ ايبرٽ اسٽفٽنگ جي حصيداري سان “تبديل ٿيندڙ جاگرافيائي سياسي ماحول ۾ پاڪستان” جي عنوان سان اربع ڏينهن هتي هڪ ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس جو انعقاد ڪيو. ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس جو خاص مهمان صدر جو ترجمان مرتضى سولنگي هو. خطاب ڪندڙن ۾ ڊائريڪٽر سينٽر فار افغانستان …

اسلام آباد – 15 جولاءِ ( اي پي پي) انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اسلام آباد جي سينٽر فار افغانستان مڊل ايسٽ اينڊ آفريقا فريڊرڪ ايبرٽ اسٽفٽنگ جي حصيداري سان “تبديل ٿيندڙ جاگرافيائي سياسي ماحول ۾ پاڪستان” جي عنوان سان اربع ڏينهن هتي هڪ ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس جو انعقاد ڪيو. ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس جو خاص مهمان صدر جو ترجمان مرتضى سولنگي هو. خطاب ڪندڙن ۾ ڊائريڪٽر سينٽر فار افغانستان مڊل ايسٽ اينڊ آفريقا ڊاڪٽر آمنه خان، چيئرمين بورڊ آف گورنرز انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز خالد محمود، ڪنٽري ڊائريڪٽر ايف اي ايس پاڪستان فيلڪس ڪولبٽز آرنو ڪرڪ ۽ جرمني جو ناظم الامور شامل هو. صدر جي ترجمان مرتضى سولنگي ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته هي ڪانفرنس انتهائي وقت سر ۽ اهم آهي ڇو ته هي هڪ انتهائي اهم لمحي ۾ سڄي دنيا جي ماهرن کي گڏ ڪري ٿي. هن چيو ته اسان هڪ تبديلي جي دور ۾ رهي رهيا آهيون جتي اسان هڪ قطبي نظام مان گهڻ قطبي نظام طرف منتقلي ڏسي رهيا آهيون. هن چيو ته ٻي عالمي جنگ کانپوءِ قائم ٿيندڙ نظام ختم ٿي رهيو آهي ۽ وڏيون عالمي طاقتون پنهنجي مفادن جا دائرا ٺاهي رهيون آهن، اڄ پاڪستان به ڪيترن ئي منتقلين جي سنگم تي آهي. هن چيو ته گذريل سال جي ڀارت – پاڪستان جنگ ۽ آمريڪا – ايران جي وچ ۾ جاري تڪرار سڀئي پاڪستان کي متاثر ڪن ٿا. صدر جي ترجمان چيو ته پاڪستان جا جي سي سي، چين ۽ آمريڪا سان سٺا لاڳاپا آهن، پاڪستان پاڻ کي ٻيهر جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ هڪ غيرمستحڪم خطي ۾ امن آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پاڪستان افغانستان سان پرامن ۽ مستحڪم لاڳاپن جو خواهشمند آهي ۽ تاريخي طور تي افغان عوام سان گڏ بيٺل رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان نه چاهيندو ته افغانستان دهشتگردي جي لاءِ عالمي پناهگاهه بڻجي، پاڪستان چين، ترڪيه ۽  قطر جي افغانستان بابت پنهنجي حصيداري ۾ ثالثي کي ڀليڪار چوي ٿو، پاڪستان علائقائي رابطن ۾ به دلچسپي رکي ٿو، سعودي عرب سان پاڪستان جو دفاعي معاهدو جي سي سي سان لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي اسان جي وسيع تر ايجنڊا جو حصو آهي ۽ پاڪستان جا ايران سان به تمام سٺا لاڳاپا آهن. هن چيو ته سلامتي تبديلي مان گذري رهي آهي ۽ اسان وبائي مرضن، قدرتي آفتن ۽ ٻين چئلينجز جهڙن ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو بنياد علائقائي پاڙيسرين سان اسٽريٽجڪ توازن ۽ فعال سفارتڪاري تي آهي.