پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ دوستي مستقبل ۾ وڌيڪ مستحڪم ٿيندي: خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري

ڪراچي - 15 جولاءِ (اي پي پي) خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ دوستي مستقبل ۾ وڌيڪ مستحڪم ٿيندي ۽ ٻئي ملڪ پنهنجي عوام جي گڏيل مفاد جي لاءِ مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيندا. خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري سان انڊونيشيا جي پاڪستان ۾ سفير چندرا وارسينانتو سوڪوتجو بلاول هائوس ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي. ان …

ڪراچي – 15 جولاءِ (اي پي پي) خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ دوستي مستقبل ۾ وڌيڪ مستحڪم ٿيندي ۽ ٻئي ملڪ پنهنجي عوام جي گڏيل مفاد جي لاءِ مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيندا. خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري سان انڊونيشيا جي پاڪستان ۾ سفير چندرا وارسينانتو سوڪوتجو بلاول هائوس ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي سفير جي گهرواريءَ پڻ ساڻس گڏ هئي. خاتون اول سفير ۽ سندس گهرواريءَ کي ڪراچي اچڻ تي ڀليڪار ڪيو، ڪراچي ۾ پاڪستان – انڊونيشيا سيڙپڪاري فورم جي ڪامياب انعقاد تي کيس مبارڪباد ڏني ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ سندس ڪوششن کي ساراهيو. اربع ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ پراڻا ۽ دوستاڻا لاڳاپا گڏيل احترام، گڏيل قدرن ۽ ويجهي تعاون تي قائم آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن سدائين هڪ ٻئي جي حمايت ڪئي آهي ۽ خطي سميت عالمي سطح تي امن، ترقي ۽ خوشحالي جي فروغ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪيو آهي. ٻنهي ملڪن جي تاريخي لاڳاپن جو ذڪر ڪندي  خاتون اول چيو ته انڊونيشيا جي باني صدر ڊاڪٽر آئر سوڪارنو جا سندس ناني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان انتهائي ويجها ذاتي لاڳاپا هئا. هن چيو ته ٻئي اڳواڻ نئين آزاد ملڪن جي وقار، ايشيائي يڪجهتي ۽ هڪ وڌيڪ منصفاڻي نظام جي قيام جي گڏيل عزم سان واڳيل هئا. هن چيو ته انهن جي دوستي پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي لاڳاپن ۾ وڌيڪ گرمجوشي ۽ گهرائي پيدا ڪئي جيڪا اڄ به ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ حصيداري کي مضبوط بڻائڻ جي ڪوششن جي لاءِ تحريڪ جو سبب آهي. ملاقات دوران ٻنهي طرفن کان واپار ۽ سيڙپڪاري، زراعت، تعليم، صحت، ٽيڪنالاجي جي منتقلي، ويڪسين جي تياري، عورتن جي ڪاروباري سرگرمين، سياحت، ثقافتي مٽاسٽا ۽ عوامي رابطن جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري زرعي تعاون جي فروغ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته انڊونيشيا پاڪستان، خاص طور تي سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ اعلى معيار جي چانور جي برآمدات جي لاءِ هڪ اهم منڊيءَ آهي. هن حڪومتن جي وچ ۾ چانور جي شعبي ۾ تعاون جي فريم ورڪ جي بحالي جي جاري ڪوششن جي آجيان ڪئي ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ان سان زرعي تعاون وڌيڪ مستحڪم ٿيندو ۽ آبادگارن ۽ برآمد ڪندڙن جي لاءِ نوان موقعا پيد اٿيندا. هن پام آئل ۽ ٻين زرعي جنسن ۾ مسلسل تعاون جي اهميت کي پڻ ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفاد جي لاءِ ضروري قرار ڏنو. مستقبل ۾ تعاون جي امڪانن تي روشني وجهندي خاتون اول چيو ته زراعت، غذائي تحفظ، عورتن جي قيادت ۾ ڪاروباري سرگرمين، تعليم ۽ عوامي رابطن جي فروغ جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جا وسيع امڪان موجود آهن. هن خانداني منصوبابندي ۽ آباديءَ جي انتظام جي حوالي سان انڊونيشيا جي ڪامياب تجربن مان فائدو کڻڻ ۾ پڻ دلچسپي ظاهر ڪئي جڏهن ته صحت جي شعبي ۾ ٽيڪنالاجي جي منتقلي، ويڪسين جي تياري ۽ پاڪستان ۾ پوليو جي مڪمل خاتمي جي لاءِ جاري ڪوششن ۾ تعاون وڌائڻ تي پڻ زور ڏنو. انڊونيشيا جي سفير خاتون اول کي سنڌ جي مختلف علائقن جي پنهنجي تازي دوري کان آگاهه ڪيو ۽ صوبي جي زرعي، اقتصادي ۽ سيڙپڪاري جي صلاحيتن بابت پنهنجي مثبت تاثر جو اظهار ڪيو. هن واپار، زراعت، پام آئل، چانور، سيڙپڪاري، صحت ۽ ثقافتي مٽاسٽا سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ انڊونيشيا جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. سفير ان موقعي تي خاتون اول کي هڪ يادگاري اشاعت پڻ پيش ڪئي جنهن ۾ معلوماتي خاڪن (انفو گرافڪس) ۽ تاريخي ٽائيم لائينز جي ذريعي پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي لاڳاپن جي ارتقاءَ کي پيش ڪيو ويو آهي. خاتون اول سفير کي چيو ته هو انڊونيشيا جي حڪومت ۽ اتان جي عوام جي لاءِ سندس نيڪ خواهشون ۽ شاندار خيرسگالي جو پيغام پهچائي. هن ان يقين جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ دوستي مستقبل ۾ وڌيڪ مستحڪم ٿيندي ۽ ٻئي ملڪ پنهنجي عوام جي گڏيل مفاد جي لاءِ مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيندا.