اسلام آباد - 15 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ مضبوط ڀائراڻي لاڳاپن جي حوالي سان پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته اسان جي بزرگن جي قائم ڪيل تاريخي روايتن ۽ ورثي کي ايندڙ نسلن تائين جاري رکڻ اسان جي ذميواري آهي. اربع ڏينهن ترڪيه جي سفارتخاني ۾ ترڪيه جي جمهوريت ۽ قومي …
اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاران پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ مضبوط ڀائراڻي لاڳاپن جي حوالي سان پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ

مزید خبریں
اسلام آباد – 15 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ مضبوط ڀائراڻي لاڳاپن جي حوالي سان پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته اسان جي بزرگن جي قائم ڪيل تاريخي روايتن ۽ ورثي کي ايندڙ نسلن تائين جاري رکڻ اسان جي ذميواري آهي. اربع ڏينهن ترڪيه جي سفارتخاني ۾ ترڪيه جي جمهوريت ۽ قومي يڪجهتي ڏهاڙي جي ڏهين سالگرهه جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ هن تاريخي موقعي کي 10 سال مڪمل ٿي رهيا آهن جڏهن ترڪ قوم جرئت، بهادري ۽ ثابت قدمي جو مظاهرو ڪندي هر قسم جي آزمائش جو ڄمي مقابلو ڪيو. هي ڏينهن اسان کي اهو پيغام ڏي ٿو ته جڏهن قومون پنهنجي تقدير کي طاقت، خوشحالي ۽ ترقي سان ڳنڍڻ جو عزم ڪري ڇڏين ته اهي عظيم ڪاميابيون حاصل ڪري سگهن ٿيون ۽ دنيا جي ڪا طاقت انهن کي شڪست نه ٿي ڏئي سگهي ۽ نه ئي انهن کي محڪوم بڻائي سگهجي ٿو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ لاڳاپا پاڪستان قائم ٿيڻ کان به اڳ جا آهن، اسان جي بزرگن ترڪيه جي آزادي جي جنگ دوران پنهنجي ترڪ ڀائرن سان گڏ بيهي انهن سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير ان موقعي تي ننڍي کنڊ جي عورتن پاران ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن جي مدد جي لاءِ ڪيل تعاون جو ذڪر ڪندي چيو ته اها هڪ اهڙي روايت آهي جيڪا نسل در نسل اسان تائين منتقل ٿيندي آئي آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ کان اڳ به ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي دلين ۾ ترڪ عوام جي لاءِ ڀائيچاري جو جذبو موجود هو. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ اهو تاريخي رشتو وقت گذرڻ سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي ۽ ايندڙ ڏهاڪن ۾ پڻ ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ اهو تعلق وڌيڪ مستحڪم رهندو. هن چيو ته کيس مختلف موقعن تي ٿيندڙ ملاقاتن ۽ رابطن جو حصو بڻجڻ جو اعزاز حاصل رهيو آهي جتي هن پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم ٿيندي ڏٺو آهي. وفاقي وزير پاڪستان جي قومي تراني جي هڪ پيرا “پرچم ستاره هلال، رهبر ترقي و ڪمال” جو حوالو ڏيندي چيو ته ان جو مفهوم اهو آهي ته ستارو ۽ هلال جهنڊو خوشحالي ۽ عظمت جي بلندي جي علامت آهن. وفاقي وزير چيو ته مشڪل وقت ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه سدائين هڪ ٻئي جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ ڏهاڪن تي ٻڌل مضبوط عوامي رابطو موجود آهي جيڪو مستقبل ۾ به قائم رهندو. اطلاعات واري وفاقي وزير ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي قيادت کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته صدر اردوان جهڙي انداز ۾ ترڪ قوم جي قيادت ڪئي ۽ ملڪ کي معاشي ترقي جي راهه تي گامزن ڪيو، اهو ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن دوران صدر اردوان ترڪ جمهوريه کي نمايان طور تي تبديل ڪيو ۽ اڄ ترڪيه نه رڳو هڪ معاشي پر مضبوط دفاعي طاقت پڻ بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته اهو ئي سبب آهي جو ترڪ عوام پنهنجي قيادت تي اعتماد ڪري ٿي ۽ ڪنهن به مشڪل کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار رهي ٿي. وفاقي وزير ترڪ صدر جي قوم کي خطاب جو حوالو ڏيندي چيو ته جڏهن هن چيو هو ته “آئون استنبول اچي رهيو آهيان ۽ اسان پنهنجي قوم جي دفاع ۽ اتحاد جي لاءِ گڏجي جدوجهد ڪنداسين” ته اهو لمحو هڪ فيصلائتو موڙ ثابت ٿيو جنهن کانپوءِ وڏي انگ ۾ عوام رستن تي نڪري آئي. وفاقي وزير ترڪ جمهوريه جي لاءِ بي خوفي، جرئت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪندي پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ 250 شهيدن کي پڻ خراج عقيدت پيش ڪيو. وفاقي وزير چيو ته انهن شهيدن جون قربانيون رائيگان نه ويون، 10 سال گذرڻ کانپوءِ اڄ اسلام آباد سميت دنيا جي مختلف گادي وارن شهرن ۾ نه رڳو انهن شهيدن جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪيو پيو وڃي پر انهن جي پونئيرن ۽ گهرڀاتين سان پڻ يڪجهتي جو اظهار ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته عالمي سطح تي جڏهن به ڪا اهم اڳڀرائي يا صورتحال سامهون آئي، پاڪستان ۽ ترڪيه سدائين هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي. وفاقي وزير چيو ته اتر قبرص جي معاملي تي پاڪستان سدائين ترڪيه جي موقف جي حمايت ڪندو آيو آهي، اهڙي طرح ڪشمير مسئلي جي حوالي سان ترڪيه سدائين پاڪستان جي موقف جي ڀرپور حمايت ڪئي آهي. هن چيو ته اسان جي بزرگن جيڪو عظيم ورثو اسان کي ڏنو آهي، ان کي ايندڙ ڪيترين ئي نسلن تائين جاري رکڻ اسان جي ذميواري آهي. وفاقي وزير پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير ڊاڪٽر عرفان نذير اوغلو جي تاريخي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته ان کي ان وقت پارليامينٽ ۾ موجود هڪ نوجوان ڊاڪٽر عرفان نذير اوغلو کي ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي، جڏهن پارليامينٽ جي عمارت کي نشانو بڻايو پئي ويو ۽ هو هڪ بهادر سپاهي وانگر حالتن جو مقابلو ڪري رهيو هو. ان مشڪل وقت ۾ ترڪيه جي سفير جنهن عزم، حوصلي ۽ بهادري جو مظاهرو ڪيو، اهو ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته جڏهن به اهو تاريخي ڏينهن ياد ڪيو ويندو ته ترڪيه جي قوم جي هڪ بهادر فرزند جي طور تي ان جي خدمتن کي پڻ ياد رکيو ويندو جنهن مشڪل حالتن ۾ پهرين صف ۾ رهي پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. وفاقي وزير پاڪستاني عوام سان محبت ۽ يڪجهتي جي اظهار تي ترڪيه جي قيادت جا دلي ٿورا ادا ڪيا. هن چيو ته جڏهن به اسان ترڪيه ويندا آهيون ته اسان کي ائين محسوس ٿيندو آهي جيئن اسان پنهنجي گهر ۾ موجود آهيون. هن چيو ته عام پاڪستاني شهري به جڏهن ترڪيه جو دورو ڪري ٿو ته اتي ان کي بي پناهه عزت ۽ محبت ملي ٿي. ماڻهو واپس اچي ٻڌائيندا آهن ته جڏهن انهن ترڪ عوام کي ٻڌايو ته اهي پاڪستان سان تعلق رکن ٿا ته انهن کي ڀرپور احترام ۽ محبت ڏني وئي، جنهن کي پاڪستان انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. عطاءُ الله تارڙ چيو ته هي ڏينهن نه رڳو ترڪ قوم جي عزم، بهادري ۽ قرباني جو عظيم مثال آهي پر ايندڙ نسلن جي لاءِ اهو پيغام به آهي ته مشڪل وقت ۾ ثابت قدم رهندڙ قومون ئي ڪامياب ٿينديون آهن. هن چيو ته ترڪ عوام ان موقعي تي نه رڳو جرئت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪيو پر اتحاد جو پڻ شاندار ثبوت ڏنو ۽ اهي ئي قدر ڪنهن به قوم جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ بنيادي حيثيت رکن ٿا. هن چيو ته ان واقعي کانپوءِ هر سال ان ڏينهن کي ياد ڪندي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو وڃي ٿو ۽ ان تاريخي جدوجهد ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي خدمتن کي سدائين ياد رکيو وڃي ٿو. هن ترڪيه جي لاءِ وڌيڪ ترقي، خوشحالي ۽ ڪاميابين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير چيو ته شهيدن جون قربانيون ترڪ قوم کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ عوام کي ترقي جي راهه تي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ وڌيڪ حوصلو فراهم ڪنديون رهنديون. هن چيو ته پاڪستان ماضي وانگر مستقبل ۾ پنهنجي ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن سان سدائين گڏ بيٺل رهندو. عطاءُ الله تارڙ چيو ته سندس ڏاڏي بطور صدر پاڪستان 1998ع ۾ ترڪيه جو دورو ڪيو هو ۽ واپسي تي ان دوري جون تمام خوبصورت يادون پاڻ سان گڏ آنديون هيون. هن چيو ته ان دوري جي دوران کيس ان وقت جي ترڪ صدر سليمان دميرل ڀليڪار ڪيو هو ۽ اڄ به ان دوري جون يادگار تصويرون وٽس موجود آهن. هن چيو ته اهي ئي اهي يادون ۽ روايتون آهن جيڪي نسل درنسل اسان تائين منتقل ٿيون آهن ۽ اسان انهن کي پنهنجي دل ويجهو هڪ قيمتي ورثي جي طور تي محفوظ رکيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه دوستي زندهه آباد، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اهو لازوال رشتو سدائين قائم رهندو.











