نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان گڏيل قومن جي انساني معاملن واري انڊر سيڪريٽري جي ملاقات

اسلام آباد - 15 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان گڏيل قومن جي انساني معاملن واري انڊر سيڪريٽري جنرل ۽ ايمرجنسي ريليف ڪوآرڊينيٽر ٽام فليچر ملاقات ڪئي. اربع ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير قدرتي آفتن ۽ تڪرارن کان متاثر ماڻهن کي انساني امداد جي فراهمي ۾ گڏيل قومن جي انساني رابطن جي معاملن بابت آفيس …

اسلام آباد – 15 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان گڏيل قومن جي انساني معاملن واري انڊر سيڪريٽري جنرل ۽ ايمرجنسي ريليف ڪوآرڊينيٽر ٽام فليچر ملاقات ڪئي. اربع ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير قدرتي آفتن ۽ تڪرارن کان متاثر ماڻهن کي انساني امداد جي فراهمي ۾ گڏيل قومن جي انساني رابطن جي معاملن بابت آفيس (او سي ايڇ اي) جي ڪردار کي ساراهيو. هن پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين جي ڪري ايندڙ آفتن دوران گڏيل قومن جي انساني رابطن جي معاملن جي خدمتن کي پڻ خراج تحسين پيش ڪيو. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي انساني رابطن جي معاملن بابت آفيس (او سي ايڇ اي) جي اهم انساني همدرديءَ جي سرگرمين خاص طور تي والاريل فلسطيني علائقن ۾ انساني صورتحال کي منهن ڏيڻ جي ڪوششن جي حمايت جاري رکندو. ٽام فليچر خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل ڪوششن کي ساراهيو ۽ گڏيل قومن جي لاءِ گذريل سالن دوران پاڪستان جي اڻٿڪ خدمتن ۽ تعاون جي واکاڻ ڪئي.