صوفين جي تعليم رواداري، ڳالهين ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي: سينيٽ چيئرمين

اسلام آباد- 15 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان جي عظيم صوفياڻي ورثي جي اهميت تي زور ڀريندي چيو آهي ته صوفين جي تعليم رواداري، ڳالهين ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي ۽ موجوده دؤر ۾ وڌندڙ ورڇ، عدم برداشت ۽ انتهاپسنديءَ جهڙن چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ قيمتي رهنمائي فراهم ڪري ٿي. اهڙو اظهار هن اربع ڏينهن …

اسلام آباد- 15 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان جي عظيم صوفياڻي ورثي جي اهميت تي زور ڀريندي چيو آهي ته صوفين جي تعليم رواداري، ڳالهين ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي ۽ موجوده دؤر ۾ وڌندڙ ورڇ، عدم برداشت ۽ انتهاپسنديءَ جهڙن چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ قيمتي رهنمائي فراهم ڪري ٿي. اهڙو اظهار هن اربع ڏينهن پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس (پي اين سي اي) ۾ فنڪارن رومي ۽ ايمن جي آرٽ نمائش ”تصوف ۽ ثقافت“ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. سينيٽ چيئرمين نمائش جي بندوبست تي پي اين سي اي کي مبارڪون ڏنيون ۽ فنڪارن کي اهڙي موضوع جي چونڊ تي ساراهيو جيڪا پاڪستان جي روحاني ۽ ثقافتي روايتن جي عڪاسي ڪري ٿي. هن چيو ته پاڪستان مسلم دنيا جي ڪجهه نمايان صوفياڻي روايتن جو امين آهي، جنهن اسان جي شاعري، موسيقي، فنِ تعمير، ٻولين ۽ لوڪ ثقافت تي گهرا اثر جوڙيا آهن. هن چيو ته تصوف جو پيغام احترام، محبت، همدردي ۽ گڏيل بقا تي ٻَڌل آهي، جن جي اڄ جي دنيا ۾ پهرين کان وڌيڪ ضرورت آهي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته صوفين جي تعليم اسان کي اهو سبق ڏئي ٿي ته احترام نفرت کان وڌيڪ طاقت، تڪراري ڳالهين کان وڌيڪ جٽادار ۽ گڏيل فرق جي بقا کان وڌيڪ فائديمند آهي. هن زور ڀريو ته اهي آفاقي اصول پُرامن، جامع ۽ مضبوط معاشرن کي بنياد فراهم ڪن ٿا. سينيٽ چيئرمين فنڪارن رومي ۽ ايمن جي تخليقي ڪوششن کي به ساراهيندي چيو ته ان جو فن ان ڳالهه جي عڪاسي ڪري ٿو ته پاڪستان جو ثقافتي ورثو اڄ به موجوده دؤر جي فن کي متاثر ڪري رهيو آهي ۽ نئين نسل کي پنهنجي روحاني ۽ ثقافتي قدرن سان جوڙڻ ۾ مددگار ثابت ٿي رهيو آهي. هن نمائش جي ڪامياب بندوبست ۾ ڪردار ادا ڪندڙ پي اين سي اي ۽ ٻين لاڳاپيل ماڻهن جي ڪوششن کي به خراجِ تحسين پيش ڪيو. نمائش ۾ فنڪارن، ثقافتي شخصيتن، سفاتڪارن، فنونِ لطيفه سان واڳيل ماڻهن ۽ زندگيءَ جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ناليواري شخصيتن شرڪت ڪئي.