انتهاپسنداڻن روين سان حق حاصل نٿا ٿين، اسان کي نظام ۾ رهندي حق حاصل ڪرڻا پوندا: بلاول ڀٽو زرداري

مظفر آباد- 15 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آزاد ڪشمير ۾ ڪالعدم ايڪشن ڪميٽي هڪ مهيني کان وڌيڪ احتجاج جو رڪارڊ بڻائي ورتو آهي، احتجاج سڄي زندگيءَ ناهي هوندو، هاڻ ان احتجاج کي ختم ڪريو، اچو ڳالهيون ڪريو، تاريخ اسان کي سيکاريو آهي ته انتهاپسنداڻن روين سان حق حاصل نٿا ٿين، اسان کي نظام ۾ رهندي حق حاصل ڪرڻا پوندا. …

مظفر آباد- 15 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آزاد ڪشمير ۾ ڪالعدم ايڪشن ڪميٽي هڪ مهيني کان وڌيڪ احتجاج جو رڪارڊ بڻائي ورتو آهي، احتجاج سڄي زندگيءَ ناهي هوندو، هاڻ ان احتجاج کي ختم ڪريو، اچو ڳالهيون ڪريو، تاريخ اسان کي سيکاريو آهي ته انتهاپسنداڻن روين سان حق حاصل نٿا ٿين، اسان کي نظام ۾ رهندي حق حاصل ڪرڻا پوندا. پ پ پ آزاد ڪشمير ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ آزاد ڄمون ڪشمير ۾ رياستي عملدارن، پارٽي عهديدارن ۽ ٽڪيٽ هولڊرن جو اجلاس منعقد ٿيو. بلاول ڀٽو زرداري سان راجا پرويز اشرف، چوڌري لطيف اڪبر، وزيراعظم فيصل ممتاز راٺوڙ، آزاد ڪشمير جو صدر چوڌري محمد ياسين، سينيئر اڳواڻ چوڌري محمد رياض، سينيئر وزير ميان وحيد ۽ ٻيا موجود هئا. بلاول ڀٽو زرداري کي پارٽي اڳواڻن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پ پ جي چونڊ مهم جي سلسلي ۾ بريفنگ ڏيندي ٻُڌايو ته اسان پوري آزاد ڄمون ڪشمير ۾ ڀرپور چونڊ مهم هلائي رهيا آهيون، آزاد ڄمون ڪشمير جي هر چونڊ تڪ ۾ پ پ جا اميدوار مؤثر چونڊ مهم هلائي رهيا آهن. هن چيو ته ڀمبر کان تائوبٽ تائين آزاد ڄمون ڪشمير ۾ صرف پ پ نظر اچي رهي آهي، پ پ هر دؤر ۾ ڪشمير جي عوام سان گڏ آهي، آزاد ڪشمير اچڻ کان اڳ مون نائب وزيراعظم سان هتي جي عوام ۾ کاڌي پيتي جي شين جي فراهمي جي مسئلن جي حل جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون آهن. هن چيو ته اوهان 30 ڏينهن تائين احتجاج جو رڪارڊ بڻائي ورتو، احتجاج سڄي زندگيءَ لاءِ ناهي هوندو، هاڻ ان احتجاج کي ختم ڪريو، اچو ڳالهيون ڪريو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چونڊ عمل کان بائيڪاٽ ڪندڙ سياسي پارٽين جي عمل جي مذمت ڪريون ٿا، آزاد ڪشمير پنهنجي نالي آزاد آهي پر عملي طور تي گرانٽس تي هلي رهيو آهي، سياسي پارٽين کي سوچڻو پوندو ته آزاد ڪشمير جي نوجوانن جي اميدن کي ڪهڙيءَ طرح پورو ڪرڻو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن آزاد ڪشمير جي نوجوانن جون اميدون پوريون نه ٿيون ته انتشاري قوتون فائدو کڻنديون، آزاد ڪشمير جي نئين نسل اسٽيٽس ڪو کان مطمئن ناهي، ان کي پُراڻي پگهار تي نٿو هلائي سگهجي، مان چاهيان ٿو ته قومي اسيمبليءَ ۾ آزاد ڪشمير جي آبزرور طور تي سهي، هڪ عبوري نمائندگي هجي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن قومي اسيمبليءَ ۾ آزاد ڪشمير جي عبوي نمائندگي هوندي ته ڪنهن ٻئي صوبي جو ماڻهو، ڪير ڪشميري آهي يا نه هوندو ان جو فيصلو ڪير ڪري رهيو هوندو ته راولاڪوٽ وارو پنهنجي تاريخ ٻُڌائي سگهندو. جيڪڏهن اين ايف سي جي فورم تي آزاد ڪشمير جو نمائندو هجي ها ته اهو هتان جي عوام لاءِ آواز بلند ڪري ها. بلاول ڀٽو چيو ته چونڊن کان پوءِ آئيني فورم جو بندوبست هئڻ گهرجي جنهن ۾ ڪشمير بابت سمورين ڌُرين سان گڏجي ويهي ڪشميري عوام فيصلا ڪري، وفاقي وسيلن ۽ ٻين سياسي پارٽين سان اتفاق راءِ کان علاوه آزاد ڪشمير جي حڪومت احتجاج ڪندڙن جا مطالبا 100 سيڪڙو پورا ڪيا. چيئرمين چيو ته مان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ايم ڪيو ايم ۽ الطاف حسين واري سياست نٿو ڏسڻ چاهيان، مان آزاد ڪشمير جي چونڊن تائين ڪيڏانهن نه ويندس، مان هتي ئي آزاد ڪشمير ۾ رهندس.