لاهور- 15 جولاءِ (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي صلاحڪار هارون اختر خان جي صدارت هيٺ سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائزز ڊولپمينٽ اٿارٽي (سميڊا) جي انتظام هيٺ هڪ اعليٰ سطحي مشاورتي اجلاس منعقد ٿيو. جنهن جو مقصد مائڪرو، سمال ۽ ميڊيم انٽرپرائزز کي مالياتي وسيلن کي آسان فراهمي ممڪن بڻائڻ آهي. اجلاس ۾ سڄي ملڪ مان سمال ٽريڊرز ۽ سمال انڊسٽريز جي 70 کان وڌيڪ چيمبرز ۽ ايسوسيئيشنز …
وزيراعظم ايس ايم ايز لاءِ قرضن جي فراهمي آسان بنائڻ لاءِ ذاتي طور تي ڪوششن ۾ آهي: هارون اختر خان

مزید خبریں
لاهور- 15 جولاءِ (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي صلاحڪار هارون اختر خان جي صدارت هيٺ سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائزز ڊولپمينٽ اٿارٽي (سميڊا) جي انتظام هيٺ هڪ اعليٰ سطحي مشاورتي اجلاس منعقد ٿيو. جنهن جو مقصد مائڪرو، سمال ۽ ميڊيم انٽرپرائزز کي مالياتي وسيلن کي آسان فراهمي ممڪن بڻائڻ آهي. اجلاس ۾ سڄي ملڪ مان سمال ٽريڊرز ۽ سمال انڊسٽريز جي 70 کان وڌيڪ چيمبرز ۽ ايسوسيئيشنز جي نمائندن آن لائن شرڪت ڪئي. صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي سيڪريٽري سيف انجم ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري حميرا ضيا مفتي کان علاوه سميڊا جي جنرل مئينجر حسنين جاويد ۽ ٻين اعليٰ آفيسر به موجود هئا. اجلاس جي ميزباني سميڊا جي سي اي او ناديه جهانگير ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي هارون اختر ٻُڌايو ته وزيراعظم ايس ايم ايز لاءِ قرضن جي فراهميءَ کي آسان بنائڻ جو عزم رکي ٿو ۽ سندس هدايت تي اسٽيٽ بئنڪ جي شموليت سان هڪ گروپ به جوڙيو ويو آهي، جيڪو ايس ايم ايز لاءِ قرضن جي جاري ڪرڻ جي عمل کي آسان بنائڻ جو جائزو وٺي رهيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي صنعت ۽ پيداوار واري وزارت، پنهنجي اداري سميڊا ذريعي انهن عملن کي گهرائيءَ سان جائزو وٺي رهي آهي جيڪو ايس ايم ايز لاءِ بئنڪن مان قرضن جي جاري ٿيڻ ۾ رڪاوٽ آهن. هن ٻُڌايو ته وزيراعظم انهن ڪمپنين جي فهرست گُهري آهي جن جي قرضن جون درخواستون ويجهڙ ۾ ئي بئنڪن مان رد ٿيون. هارون اختر صنعت ۽ واپار ۽ سمال انڊسٽريز ايسيوسيئيشنز جي نمائندن کي اپيل ڪئي ته هو انهن ايس ايم ايز جون فهرستون جلد کان جلد سميڊا کي فراهم ڪن جن جا قرض بئنڪن کان منظور نه ٿي سگهيا. هن اميد ڪئي ته وزيراعظم جي قيادت ۾ اسٽيٽ بئنڪ، سميڊا، ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت گڏجي تمام جلد ايس ايم ايز لاءِ بئنڪن مان قرضن کي حاصل ڪرڻ جي عمل کي سادو، شفاف ۽ تيز رفتار بنائڻ ۾ ڪامياب ٿيندا. هن چيو ته ان سلسلي ۾ بئنڪن مان به رد ٿيل قرضن جو رڪارڊ حاصل ڪيو ويندو ۽ ڏٺو ويندو ته رد ٿيل درخواستون ڪهڙن سببن جي بنياد تي رد ڪيون ويون آهن ته جيئن انهن ڪارڻن کي ختم ڪرڻ جو اهتمام ڪري سگهجي. سي اي او اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي ٻُڌايو ته سميڊا هڪ ايس ايم رجسٽريشن پورٽل جوڙيو آهي، جنهن ۾ سمورن غير رجسٽرڊ ايس ايم ايز کي مفت رجسٽرڊ ڪيو پيو وڃي. ان رجسٽريشن جو مقصد ايس ايم ايز لاءِ ماليات سميت سمورن حڪومتي سهولتن جي پهچ ممڪن بڻائڻ آهي. اجلاس ۾ سنڌ، پنجاب، ڪي پي ڪي، بلوچستان، آزاد ڄمون ڪشمير ۽ گلگت بلستان مان ايس ايم ايز تي ٻَڌل 70 کان وڌيڪ چيمبرن ۽ ايسوسيئيشنن جي نمائندن فنانسنگ جي راهه ۾ موجود ڏُکيائين بابت آگاهه ڪيو ۽ ان کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجون پنهنجون تجويزون پيش ڪيون. سميڊا جي سي اي او خاطري ڪرائي ته سندس تجويزن کي وزيراعظم جي خاص صلاحڪار ذريعي وزيراعظم تائين پهچايو ويندو.











