اسلام آباد- 15 جولاءِ (اي پي پي) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير سيد عمران احمد شاهه سان ورلڊ فوڊ پروگرام جي نئين مقرر ڪنٽري ڊائريڪٽر انيتا هرش اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. اربع ڏينهن وزارت مان جاري بيان موجب وفاقي وزير، انيتا هرش کي پاڪستان ۾ ذميداريون سنڀالڻ تي ڀليڪار ڪيو ۽ سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان حڪومت ۽ ورلڊ فوڊ پروگرام …
وفاقي وزير سيد عمران احمد شاهه سان ورلڊ فوڊ پروگرام جي نئين مقرر ڪنٽري ڊائريڪٽر انيتا هرش جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد- 15 جولاءِ (اي پي پي) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير سيد عمران احمد شاهه سان ورلڊ فوڊ پروگرام جي نئين مقرر ڪنٽري ڊائريڪٽر انيتا هرش اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. اربع ڏينهن وزارت مان جاري بيان موجب وفاقي وزير، انيتا هرش کي پاڪستان ۾ ذميداريون سنڀالڻ تي ڀليڪار ڪيو ۽ سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان حڪومت ۽ ورلڊ فوڊ پروگرام وچ ۾ غذائي تحفظ، غذائيت ۽ سماجي تحفظ جي شعبن ۾ جاري جٽادار سهڪار کي ساراهيندي ان ڀائيواريءَ کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ملاقات دوران وفاقي وزير بينظير واڌ ويجهه پروگرام ۾ 3 سالن جي واڌ جي آجيان ڪندي چيو ته هن پروگرام ماءُ ۽ ٻار جي غذائيت بهتر بنائڻ ۽ ٻارن ۾ واڌ ويجهه جي گهٽتائيءَ جي شرح ۾ نمايان بهتري آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ڌُرين وزارت جي ماتحت ٻين ادارن تائين ورلڊ فوڊ پروگرام جي سهڪار کي هٿي ڏيڻ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ غذائيت، غذائي تحفظ، اسڪول ميلز پروگرام، شاهدين تي ٻَڌل پاليسي سازي ۽ ٻين سماجي تحفظ جي قدمن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ان موقعي تي انيتا هرش پاڪستان حڪومت سان غذائيت، غذائي تحفظ ۽ سماجي تحفظ جي شعبن ۾ ورلڊ فوڊ پروگرام جي سهڪار کي جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن پاڪستان ۾ ڪمزور طبقن جي ڀلائيءَ لاءِ حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيندي انهن شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي خاوهش جو اظهار پڻ ڪيو.











