پاڪستاني نوجوانن کي عالمي معيار جي ڊجيٽل مهارتن سان ڳنڍڻ اسان جي پهرين ترجيح آهي: شزه فاطمه خواجه

اسلام آباد- 15 جولاءِ (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته پاڪستاني نوجوانن کي عالمي معيار جي ڊجيٽل مهارتن سان ڳنڍڻ اسان جي پهرين ترجيح آهي، ڊجيٽل اڪانومي ۾ عورتن جي فعال شموليت ملڪ جي تقدير بدلائڻ لاءِ اڻٽر آهي. اربع ڏينهن نوجوانن جي هنرمندي جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته عورتن کي آءِ ٽي سيڪٽر …

اسلام آباد- 15 جولاءِ (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته پاڪستاني نوجوانن کي عالمي معيار جي ڊجيٽل مهارتن سان ڳنڍڻ اسان جي پهرين ترجيح آهي، ڊجيٽل اڪانومي ۾ عورتن جي فعال شموليت ملڪ جي تقدير بدلائڻ لاءِ اڻٽر آهي. اربع ڏينهن نوجوانن جي هنرمندي جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته عورتن کي آءِ ٽي سيڪٽر ۽ فري لانسنگ ۾ گهر ويٺي روزگار جا بهترين موقعا فراهم ڪري رهيا آهيون، وزيراعظم جو ويزن آهي ته هر نوجوان اعليٰ تعليم ۽ بهترين هنرمندي ۾ ماهر ٿئي. هن چيو ته پاڪستاني نوجوانن ۾ آءِ ٽي جي ميدان ۾ سڄي دنيا سان مقابلو ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت موجود آهي، جديد ٽيڪنالاجي ۽ اي آءِ جي تربيت ذيعي نوجوانن کي مستقبل لاءِ تيار ڪيو پيو وڃي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت اسٽارٽ اپس ۽ عورت ڪاروباري ماڻهن لاءِ سازگار ماحول ۽ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪري رهي آهي، اسان جو هدف پاڪستان کي دنيا جي اُڀرندڙ آءِ ٽي ۽ ڊجيٽل هب بڻائڻ آهي.

مزید خبریں