نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ايڪسپلوريشن اينڊ پروڊڪشن سيڪٽر بابت ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد - 15 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ايڪسپلوريشن اينڊ پروڊڪشن سيڪٽر بابت ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم آفيس پاران اربع ڏينهن جاري بيان موجب ڪميٽي اهم قدمن تي ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو ورتو. ڪميٽي کي سمنڊ ۽ سوڪهڙي ۾ جاري تيل ۽ گئس جي ڳولا جي سرگرمين، درپيش چئلينجز ۽ گئس جي شعبي ۾ جاري سڌارن تي …

اسلام آباد – 15 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ايڪسپلوريشن اينڊ پروڊڪشن سيڪٽر بابت ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم آفيس پاران اربع ڏينهن جاري بيان موجب ڪميٽي اهم قدمن تي ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو ورتو. ڪميٽي کي سمنڊ ۽ سوڪهڙي ۾ جاري تيل ۽ گئس جي ڳولا جي سرگرمين، درپيش چئلينجز ۽ گئس جي شعبي ۾ جاري سڌارن تي بريفنگ ڏنيوئي جن ۾ ان شعبي جي ڊگهي مدي واري ترقي جي لاءِ معاون مطالعات جي تڪميل پڻ شامل آهي. نائب وزيراعظم کي گردشي قرض (سرڪلر ڊيٽ) جي حل ۽ مقامي سطح تي تيل ۽ گئس جي ڳولا ۽ پيداوار جي ذريعي مايع قدرتي گئس جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ جي ڪوششن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. سمورين لاڳاپيل ڌرين جي تعميري تعاون کي ساراهيندي نائب وزيراعظم موجوده چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل رابطن ۽ هم آهنگي کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ملڪ ۾ تيل ۽ گئس جي مقامي پيداوار ۾ اضافو حڪومت جي توانائي تحفظ جي ايجنڊا جي اهم ترجيح آهي ۽ ان شعبي جي لاءِ محفوظ ۽ سازگار ماحول جي فراهمي جي لاءِ حڪومت جي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. اجلاس ۾ پيٽروليم واري وفاقي وزير، سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، لاڳاپيل وزارتن جي سينيئر عملدارن ۽ ملڪ جي نمايان ايڪسپلوريشن اينڊ پروڊڪشن ڪمپنين جي سربراهن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں