اسلام آباد - 15 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي سيڪريٽري جنرل نورلان يرميڪبايف ملاقات ڪئي جنهن ۾ تنظيم جي ترجيحن، علائقائي تعاون ۽ ايندڙ اجلاسن بابت معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس موجب ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ايس سي او جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ايس سي او جي سيڪريٽري جنرل جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 15 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي سيڪريٽري جنرل نورلان يرميڪبايف ملاقات ڪئي جنهن ۾ تنظيم جي ترجيحن، علائقائي تعاون ۽ ايندڙ اجلاسن بابت معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس موجب ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ايس سي او جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي تعاون، ٽرانسپورٽ، علائقائي رابطن (ڪنيڪٽيويٽي) ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي طريقن تي تعميري ڳالهه ٻولهه ڪئي. ڌرين علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ پائيدار ترقي جي فروغ جي لاءِ گهڻ رخي تعاون جي اهميت تي زور ڏنو. ايس سي او جي سيڪريٽري جنرل تنظيم جي ذريعي علائقائي امن، استحڪام ۽ تعاون جي فروغ ۾ پاڪستان جي تعميري ڪردار جي واکاڻ ڪئي. هن تنظيم جي فعاليت ۽ موثريت ۾ وڌيڪ بهتري جي لاءِ پنهنجون تجويزون پڻ پيش ڪيون ۽ نائب وزيراعظم کي ڪرغزستان جي گادي واري شهر بشڪيڪ ۾ منعقد ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي ايندڙ اجلاس جي تيارين کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار شنگهائي تعاون تنظيم جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته پاڪستان سيپٽمبر 2026ع ۾ ايس سي او جي ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ جي چيئرمين شپ سنڀالڻ کان اڳ سمورن ميمبر ملڪن سان ويجهو تعاون جاري رکندو. هن ان عزم جو پڻ اظهار ڪيو ته پاڪستان 2027ع ۾ ايس سي او سربراهه اجلاس جي ميزباني جي لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي.











