تيزي سان وڌندڙ آبادي ۽ موسمياتي تبديليون پاڪستان لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج آهن: سينيٽر محمد اورنگزيب

اسلام آباد - 15 جولاءِ (اي پي پي)ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته تيزي سان وڌندڙ آبادي ۽ موسمياتي تبديليون پاڪستان لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج آهي، جيڪڏهن ملڪ جي تيزي سان وڌندڙ آبادي ۽ موسمياتي تبديلي جهڙن  چئلينجز کي موثر انداز ۾ منهن نه ڏنو ويو ته ملڪ پنهنجي حقيقي ترقي جي صلاحيت حاصل نه ڪري سگهندو. ناڻي واري وزير انهن ٻنهي مسئلن کي …

اسلام آباد – 15 جولاءِ (اي پي پي)ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته تيزي سان وڌندڙ آبادي ۽ موسمياتي تبديليون پاڪستان لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج آهي، جيڪڏهن ملڪ جي تيزي سان وڌندڙ آبادي ۽ موسمياتي تبديلي جهڙن  چئلينجز کي موثر انداز ۾ منهن نه ڏنو ويو ته ملڪ پنهنجي حقيقي ترقي جي صلاحيت حاصل نه ڪري سگهندو. ناڻي واري وزير انهن ٻنهي مسئلن کي وجودي نوعيت جو چئلينج قرار ڏيندي چيو ته انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ مستقل پاليسي سڌارا، اداره جاتي هم آهنگي ۽ ڊگهي مدي وارا مالي وسيلا اڻٽر آهن. انهن خيالن جو اظهار هن آبادي جي عالمي ڏهاڙي 2026ع جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته حڪومت جون ڪوششون نيشنل پاپوليشن اسٽيبلائيزيشن پلان کان اڳيان وڌي هاڻي نيشنل پاپوليشن ڪائونسل تائين پهچي چڪيون آهن جنهن ۾ سول ۽ عسڪري قيادت، وفاق ۽ صوبائي حڪومتن کي موثر عملدارآمد لاءِ هڪ پليٽ فارم تي جمع ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اسان هڪ ڊگهي عرصي کان ڄاڻون پيا ته مسئلو ڇا آهي ۽ ڇو آهي، اصل سوال هميشه اهو رهيو آهي ته ان کي ڪيئن ۽ ڪير حل ڪندو. هن چيو ته نيشنل پاپوليشن ڪائونسل واضح هدف، اهم ڪارڪردگي اهڃاڻ ۽ باقاعده جائزي ذريعي نتيجا يقيني بڻائيندي.  هن صحت واري وزارت کي خاطري ڪرائي ته ناڻي وزارت ان سلسلي ۾ هر ممڪن تعاون جاري رکندي. هن چيو ته حڪومتون عام طور مختصر عرصي وارين ترجيحن کي سامهون رکي بجيٽ تيار ڪنديون آهن پر آبادي ۾ اضافو ۽ موسمياتي تبديلي اهڙا مسئلا آهن جن لاءِ ڊگهي مدي واري منصوبا بندي ضروري آهي. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن انهن ٻنهي وجودي چئلينجز تي ضابطو نه آندو ويو ته 2047ع ۾ پاڪستان جي قيام جي 100 سال مڪمل ٿيڻ تائين به ملڪ پنهنجي حقيقي صلاحيت حاصل نه ڪري سگهندو. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت تازي وفاقي بجيٽ ۾ خانداني منصوبا بندي بابت اهم قدم کنيا آهن جن ۾ حمل روڪڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ دوائن تي لاڳو سيلز ٽيڪس جو خاتمو ۽ ٻيا ٽيڪس سڌارا شامل آهن جن سان انهن جي قيمتن ۾ گهٽتائي ايندي، آبادي ۾ اضافي جي رفتار کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوششن کي سگهه ملندي ۽ گهٽ عرصي ۾ به هاڪاري نتيجا سامهون ايندا. هن ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته ساختي سڌارا اڻٽر آهن خاص ڪري قومي مالياتي ڪميشن ايوارڊ جي موجوده فارمولي تي نظرثاني جي ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته هن وقت صوبن ۾ وسيلن جي ورهاست ۾ آبادي جو وزن اٽڪل 82 سيڪڙو آهي جيڪو مستقبل لاءِ پائيدار ناهي، مستقبل ۾ وسيلن جي منصفاڻي ورهاست لاءِ ان معاملي تي سنجيده غور ڪرڻ گهرجي. مالي وسيلن جي حوالي سان ناڻي واري وزير چيو ته صرف بجيٽ تي ڀاڙڻ ڪافي نه هوندو، هن ٻڌايو ته گذريل سال عالمي بئنڪ سان طئي ٿيل 10 سالا ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ ۾ آبادي کي 3 بنيادي  ترجيحن ۾ شامل ڪيو وويو آهي جنهن تحت تعليمي پسماندگي خاص ڪري اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جي تعليم ۽ ٻارن ۾ غذائي کوٽ جي خاتمي تي ڌيان ڏنو ويندو.  هن چيو ته ان فريم ورڪ تحت آبادي بابت منصوبن لاءِ ساليانو 600 کان 700  ملين آمريڪي ڊالرن تائين جي مالي مدد دستياب هوندي. هن خانداني منصوبا بندي بابت آگاهي مهم خاص ڪري پيدائش ۾ وقفي جي تعريف ڪندي ان کي انتهائي موثر قرار ڏنو. هن چيو ته عوامي شعور اجاگر ڪرڻ ۾ ميڊيا جو ڪردار تمام اهم آهي. هن ڪراچي جي تازي دوري جو ذڪر ڪندي چيو ته هن زندگي ٽرسٽ جي انتظام هيٺ هڪ گرلز اسڪول جو دورو ڪيو جتي ٻارن جي تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو. ناڻي واري وزير بنگلاديش، ايران ۽ انڊونيشيا جو مثال ڏيندي چيو ته انهن ملڪن 10 کان 15  سالن دوران ٻارن جي تعليم، عورتن جي افرادي قوت ۾ شموليت ۽ مذهبي اڳواڻن جي تعاون سان آبادي ۾ اضافي جي شرح کي اٽڪل هڪ سيڪڙو تائين محدود ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. پاڪسان کي به انهن شعبن تيڌيان ڏيڻ گهرجي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته وزيراعظم جي سربراهي ۾ قائم نيشنل پاپوليشن ڪائونسل جي قيادت ۾ حڪومت هر ممڪن مالي، انتظامي ۽ پاليسي تعاون فراهم ڪندي رهندي ته جيئن آبادي ۾ توازن جي قومي هدف کي حاصل ڪري سگهجي.

مزید خبریں