تيزي سان وڌندڙ آبادي سبب اسپتالن، تعليمي ادارن ۽ بنيادي ڍانچي تي شديد دٻاءُ آهي:  صحت وارو وفاقي وزير

اسلام آباد - 15 جولاءِ (اي پي پي) قومي صحت بابت وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي، ته پاڪستان ۾ تيزي سان وڌندڙ آبادي سبب اسپتالن، تعليمي ادارن ۽ بنيادي ڍانچي  تي شديد دٻاءُ آهي، جنهن جي نتيجي ۾ عوام کي معياري خدمتن جي فراهمي متاثر ٿي رهي آهي، هڪ ڊاڪٽر روزانو محدود تعداد ۾ مريضن جو علاج ڪري سگهي ٿو، اتي هن کي ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ مريضن کي ڏسڻو …

اسلام آباد – 15 جولاءِ (اي پي پي) قومي صحت بابت وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي، ته پاڪستان ۾ تيزي سان وڌندڙ آبادي سبب اسپتالن، تعليمي ادارن ۽ بنيادي ڍانچي  تي شديد دٻاءُ آهي، جنهن جي نتيجي ۾ عوام کي معياري خدمتن جي فراهمي متاثر ٿي رهي آهي، هڪ ڊاڪٽر روزانو محدود تعداد ۾ مريضن جو علاج ڪري سگهي ٿو، اتي هن کي ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ مريضن کي ڏسڻو پوندو آهي. انهن خيالن جوا ظهار هن آبادي جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي چيو. وفاقي وزير چيو ته قرآن مجيد ۾ هڪ انسان جي جان بچائڻ کي پوري انسانيت جي جان بچائڻ بابر قرار ڏنو ويو آهي. ان لاءِ آبادي جي مسئلي تي عالمن، استادن ۽ معاشري جي سمورن طبقن کي گڏجي عوام ۾ درست شعور اجاگر ڪرڻو پوندو. هن چيو ته رزق ڏيڻ الله تعاليٰ جي ذميواري آهي، جڏهن ته والدين تي لازم آهي ته هو پنهنجي صحت، وسيلن ۽ ٻارن جي بهتر مستقبل کي نظر ۾ رکندي ذميواراڻا فيصلو ڪن. مصطفيٰ ڪمال ٻڌايو ته پاڪستان ۾ هر سال اٽڪل  11 هزار مائرون حمل دوران پنهنجون حياتيون وڃائي ويهن ٿيون، جيڪا انتهائي ڳڻتي  جوڳي صورتحال آهي. هن چيو ته جيتوڻيڪ حمل  ڪا بيماري ناهي پر مناسب طبي سهولتن ۽ وقت سر سار سنڀال ذريعي ويم دوران فوتگين ۾ نمايان گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي.  هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته هر ماءُ جي جان بچائڻ قومي ذميواري آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ هر سال 4 لک کان وڌيڪ گهٽ عمر  جا ٻار قابل تدارڪ سببن جي ڪري پنهنجون حياتيون وڃائي ويهن ٿا جڏهن ته صحت جي سهولتن، دوائن ۽ وقت سر علاج تائين رسائي نه هئڻ سبب هزارين خاندان ناقابل برداشت  نقصان کڻي رهيا آهن. هن  تجويز ڏني ته آبادي ۾ مناسب وقفو اختيار ڪندڙ خاندانن لاءِ سهولتن ۽ ترغيبن تي به غور ڪرڻ گهرجي.  هن موجب  اٽڪل 30 سيڪڙو اهڙا خاندان موجود آهن جيڪي ٻارن جي پيدائش ۾ وقفو ڪرڻ چاهيندا آهن. پر سهولتن نه هئڻ سبب ايئن نٿا ڪري سگهن.  وفاقي وزير ٻڌايو ته حڪومت حمل جي روڪٿام ۾ استعمال ٿيندڙ شين تي لاڳو ٽيڪس  کي ٻڙي  ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ان فيصلي سان اهي مصنوعات سستيون ٿينديون، عوام جي رسائي ۾ اضافو ٿيندو، مقامي صنعت کي هٿي ملندي ۽ نئين سيڙپڪاري جا موقعا پيدا ٿيندا. وفاقي وزير مهمانن جو خصوصي شڪريو ادا ڪندي چيو ته انهن پنهنجي مصروفيتن باوجود تقريب ۾ شرڪت ڪئي، جنهن تي هو سمورن شرڪت ڪندڙن جو ٿورائتو آهي. هن ان اميد جو اظهار به ڪيو ته سمورا قومي ادارا گڏجي پاڪستان جي بهتر مستقبل لاءِ آبادي ۽ صحت جي شعبي م گڏيل ڪوششون جاري رکندا.

مزید خبریں