سينيٽ چيئرمين پاران پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستاني ڪاروباري برادريءَ سان مضبوط ڀائيواري، سيڙپڪاري ۽ معاشي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ تي زور

اسلام آباد- 14 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستاني ملڪ جو قيمتي اثاثو ۽ پاڪستان جا حقيقي سفير آهن، جيڪي پنهنجي ديانت، محنت، پيشيوراڻي صلاحيتن ۽ ڪاروباري ڪاميابين ذريعي نه صرف پاڪستان جي هاڪاري سُڃاڻپ سڄي دنيا ۾ اجاگر ڪري رهيا آهن پر عالمي مارڪيٽ، سيڙپڪاري، جديد ٽيڪنالاجي ۽ معاشي موقعن کي پاڪستان سان جوڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا …

اسلام آباد- 14 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستاني ملڪ جو قيمتي اثاثو ۽ پاڪستان جا حقيقي سفير آهن، جيڪي پنهنجي ديانت، محنت، پيشيوراڻي صلاحيتن ۽ ڪاروباري ڪاميابين ذريعي نه صرف پاڪستان جي هاڪاري سُڃاڻپ سڄي دنيا ۾ اجاگر ڪري رهيا آهن پر عالمي مارڪيٽ، سيڙپڪاري، جديد ٽيڪنالاجي ۽ معاشي موقعن کي پاڪستان سان جوڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن اهڙو اظهار سينيٽ آف پاڪستان ۾ نيويارڪ چيمبر آف سمال بزنس ڪارپوريشن، آمريڪا جي باني صدر سيد علمدار حسين شاهه جي اڳواڻيءَ ۾ ڪاروباري، يو اي اي، قطر ۽ پاڪستان سان تعلق رکندڙ ناليواري ڪاروباري اڳواڻن تي ٻَڌل وفد جي اعزاز ۾ ڏنل مانجهاندي کي خطاب ڪندي ڪيو. سينيٽ چيئرمين وفد جي آجيان ڪندي چيو ته سندس دؤرو ان ڳالهه جو مظهر آهي ته پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستاني ڪاروباري برادري پاڪستان جي معاشي ترقي، سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ ۽ قومي خوشحاليءَ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن چيو ته قانونسازن، حڪومتي ادارن ۽ مقامي ڪاروباري حلقن سان وفد جون ملاقاتون ٻنهي طرفان اعتماد، سهڪار ۽ مضبوط معاشي رابطن کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم سنگِ ميل ثابت ٿيندا. سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان جي يومِ آزادي جي موقعي تي پيش ڪيل تعريف تي وفد جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته هو ان اعزاز کي ذاتي ڪاميابي نه پر پاڪستان، ان جي جمهوري ادارن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ لکين پاڪستانين جي خدمتن جي اعتراف طور تي قبول ڪريون ٿا، جن پنهنجي صلاحيتن ۽ ڪردار ذريعي ملڪ جو وقار بلند ڪيو آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته واپار ۽ سيڙپڪاري اعتماد کي هٿي وٺرائين ٿيون، جڏهن ته ڪاروباري ادارا گڏجي ترقي ڪن ٿا ته ملڪن وچ ۾ ناتا وڌيڪ مضبوط ۽ جٽادار بڻجي وڃن ٿا. هن چيو ته وفد جو دؤرو پاڪستان جي معيشت تي اعتماد ۽ روشن مستقبل تي يقين جو اظهار آهي. هن چيو ته پاڪستان نوجوان آبادي، تيزيءَ سان هٿي وٺندڙ ڊجيٽل معيشت، منفرد جاگرافيائي ۽ قدرتي وسيلن عيوض سيڙپڪاريءَ جا بيشمار موقعا فراهم ڪري ٿو. حڪومت سيڙپڪارن لاءِ سازگار ماحول جي فراهمي، ڪاروبار ۾ آساني ۽ معاشي سڌارن جي ايجنڊا تي مسلسل عمل ڪري رهي آهي جڏهن ته اسپيشل انويسٽمينٽ فيسيليٽيشن ڪائونسل ملڪ ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ سهولت ۽ اداره جاتي هم آهنگي کي وڌيڪ اثرائتو بڻايو آهي. يوسف رضا گيلاني چيو ته پارليامينٽ سيڙپڪارن جي اعتماد کي هٿي وٺرائڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري ٿي، مضبوط جمهوري ادارا، اثرائتي قانون سازي ۽ شفاف نگراني پائيدار معاشي ترقي جا بنياد آهن، سينيٽ اهڙن سمورن قدمن ۽ پاليسين جي مڪمل حمايت جاري رکندي جيڪي ڪاروبار، سيڙپڪاري، جدت، صنعت ۽ روزگار جي موقعن ۾ واڌ جو سبب بڻجن. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته اڄ جي ملاقات سينيٽ آف پاڪستان ۽ اوورسيز پاڪستاني ڪاروباري تنظيمن وچ ۾ هڪ مضبوط ۽ جٽادار اداره جاتي تعلق جو بنياد ثابت ٿيندي. هن چيو ته هي رابطو فقط هڪ ملاقات تائين محدود نه رهڻ گهرجي پر ان کي مستقل ڳالهين جي صورت اختيار ڪرڻ گهرجي ته جيئن قانون ساز پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي اميدن ۽ تجويزن مان لاڀ ماڻي سگهن ۽ اوورسيز پاڪستاني پنهنجي عالمي تجربن ذريعي وطن جي ترقيءَ ۾ وڌيڪ مؤثر ڪردار ادا ڪن. سينيٽ چيئرمين چيو ته دنيا جي هر ڪامياب قوم پنهنجي پرڏيهه ۾ ترسيل برادري جي صلاحيتن مان ڀرپور فائدو کنيو آهي ۽ پاڪستان به ان کان آجو ناهي. هن چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني عالمي مارڪيٽن ۽ پاڪستان وچ ۾ مضبوط معاشي پُل جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ۽ اهو ئي رابطو مستقبل جي خوشحاليءَ جي ضمانت آهي. هن ڪاروباري برادريءَ تي زور ڀريو ته خيرسگالي کي سيڙپڪاري، سيڙپڪاريءَ کي معاشي موقعن ۽ معاشي موقعن کي گڏيل خوشحاليءَ ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار وڌيڪ اثرائتي انداز ۾ ادا ڪن. پنهنجي خطاب جي پڄاڻيءَ تي سينيٽ چيئرمين وفد لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته کيس يقين آهي ته سندس اهو دؤرو پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪاروباري برادريءَ وچ ۾ معاشي سهڪار، سيڙپڪاري ۽ واپاري رابطن کي هٿي وٺرائڻ ۾ هڪ اهم سنگِ ميل ثابت ٿيندو ۽ ٻنهي طرفان جٽادار ڀائيواريءَ کي وڌيڪ مستحڪم ڪندي.

مزید خبریں