وفاقي وزير سردار محمد يوسف جي صدارت هيٺ 51هين عالمي سيرت النبيﷺ ڪانفرنس جي تيارين جي حوالي سان جائزه اجلاس منعقد، ڪانفرنس جي انتظامن ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو

اسلام آباد- 14 جولاءِ (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ عالمي بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف جي صدارت هيٺ اڱاري ڏينهن 51هين عالمي سيرت النبيﷺ ڪانفرنسن جي تيارين جي حوالي سان جائزه اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ ڪانفرنس جي انتظامن ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ايندڙ مهيني ربيع الاول دوران 51هين عالمي سيرت النبيﷺ …

اسلام آباد- 14 جولاءِ (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ عالمي بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف جي صدارت هيٺ اڱاري ڏينهن 51هين عالمي سيرت النبيﷺ ڪانفرنسن جي تيارين جي حوالي سان جائزه اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ ڪانفرنس جي انتظامن ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ايندڙ مهيني ربيع الاول دوران 51هين عالمي سيرت النبيﷺ ڪانفرنس جو بندوبست شاندار انداز ۾ ڪيو ويندو. هن چيو ته مذهبي معاملن واري وزارت کي هن سال اهم ۽ بابرڪت ڪانفرنس جي بندوبست جو اعزاز حاصل ٿي رهيو آهي جيڪا نئين نسل کي اسلامي تعليم ۽ سيرت طيبهﷺ سان روشناس ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. هن ٻُڌايو ته ڪانفرنس ۾ سڄي ملڪ جي ناليوارن عالمن، مذهبي شخصيتن، اسڪالرز ۽ مختلف ملڪن مان نمائندا شرڪت ڪندا، جنهن سان عالمي قومي سطح تي سيرت النبيﷺ جي پيغام کي هٿي ملندي. اجلاس ۾ مذهبي معاملن واري وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري مرزا علي محسود سميت ٻيا اعليٰ آفيسر به شريڪ ٿيا ۽ ڪانفرنس جي انتظامي معاملن تي بريفنگ ڏني. هوڏانهن وفاقي وزير حج 2027ع جي ڊجيٽلائزيشن جي عمل تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪندي لاڳاپيل عملدارن کي ان عمل کي وڌيڪ اثرائتو بنائڻ جي هدايت ڪئي. سردار محمد يوسف اسلام آباد حاجي ڪيمپ ۾ قائم قرآن ري سائيڪلنگ پلانٽ کي مڪمل طور تي فعال ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته ان منصوبي کي جلد عملي طور تي اثرائتو بڻايو وڃي ته جيئن قرآني ورقن کي احترام سان مناسب انداز ۾ ٺڪاڻي لڳائڻ کي يقيني بڻائي سگهجي.

مزید خبریں