مونٽيويڊيو-13 جولاءِ(اي پي پي) يوراگوئي جو اڳوڻو فارورڊ ڊياگوفورلان قومي فٽ بال ٽيم جي عبوري ڪوچ جي چارج سنڀالڻ لاءِ يوراگوئا جي فٽ بال ايسوسي ايشن (اي يو ايف)سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اها اڳڀرائي جون ۾ ٿيل فيفا ورلڊ ڪپ جي گروپ اسٽيج ۾ يوراگوئي جي ٽيم جو ورلڊ ڪپ مان ٻاهر ٿيڻ کان پوءِ هيڊ ڪوچ مارسيلو بيلسيا جو عهدو ڇڏڻ جي نتيجي ۾ سامهون …
يوراگوئي جي ڊياگوفورلان پاران قومي ٽيم جو عبوري ڪوچ بڻجڻ لاءِ ڳالهيون جاري
مونٽيويڊيو-13 جولاءِ(اي پي پي) يوراگوئي جو اڳوڻو فارورڊ ڊياگوفورلان قومي فٽ بال ٽيم جي عبوري ڪوچ جي چارج سنڀالڻ لاءِ يوراگوئا جي فٽ بال ايسوسي ايشن (اي يو ايف)سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اها اڳڀرائي جون ۾ ٿيل فيفا ورلڊ ڪپ جي گروپ اسٽيج ۾ يوراگوئي جي ٽيم جو ورلڊ ڪپ مان ٻاهر ٿيڻ کان پوءِ هيڊ ڪوچ مارسيلو بيلسيا جو عهدو ڇڏڻ جي نتيجي ۾ سامهون آيو آهي. ان تجويز تحت ڊياگوفورلان سيپٽمبر، آڪٽوبر ۽ نومبر ۾ شيڊول 6 دوستاڻين ميچن (فرينڊليز) جي نگراني ڪندو ۽ گڏو گڏ انڊر 20 ٽيم جي چارج به سنڀاليندو. اي يو ايف جي صدر جو چوڻ آهي ته سال جي آخر يا ايندڙ سال جي شروعات ۾ هڪ مستقل مينيجر مقرر ڪيو ويندو ۽ فورلان ان ذميواري لاءِ پر جوش آهي. 47 سالن جي ڊريگون فورلان جو شمار يوراگوئي جي عظيم رانديگرن ۾ ٿيندو آهي جنهن پنهنجي ڪيريئر دوران مانچسٽر يونائيٽد وياريال ، اٽليٽڪو ميڊرڊ ۽ انٽر ميلان جهڙن وڏن ڪلبن جي نمائندگي ڪئي. هن يوراگوئي پاران 112 ميچن ۾ 36 گول اسڪور ڪيا ۽ 2010ع جي ورلڊ ڪپ ۾ 5 گول ڪري ٽيم کي سيمي فائنل ۾ پهچائڻ تي ٽورنامينٽ جي بهترين رانديگر گولڊن بال ايوارڊ به کٽيو هيو . کيس ڪوچنگ جو تجربو به موجود آهي جنهن ۾ يوراگوئي ڪلبس پينارول ۽ اتيناس جو هيڊ ڪوچ رهي چڪو آهي.












